Profile # 1 Masood Ahmed Narejo (HST - GBHSII Kotri) مسعود احمد ناريجو
محترم جناب مسعود احمد ناريجو صاحب 8 آڪٽوبر 1964 تي ضلعو دادو جي ڳوٺ بخش لاکير ، تعلقو ميھڙ ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو خاندان تقريباً ڏيڊ سو سالن کان وٺي تعليم کاتي ۾ خدمتون سر انجام ڏيندو اچي ـ سندن پڙڏاڏو مھر علي ناريجو ۽ ان جو ڀاء محمد الياس ناريجو انگريزن جي دور ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر رھيا آهن ۽ محمد الياس ناريجو تعليم کاتي ۾ بيٽ آفيسر بہ رھيو ـ سندن ڏاڏو محمد يوسف ناريجو بہ انگريزن جي دور ۾ ڪجھ عرصو پرائمري اسڪول ٽيچر ۽ بعد ۾ آبپاشي کاتي ۾ ڪلارڪ طور بہ ڪم ڪيو ـ سندن والد اميرالدين ناريجو پاڪستان آزاد ٿيڻ کانپوء پرائمري اسڪول ٽيچر طور خدمتون سر انجام ڏنيون ـ سائين جن پرائمري جي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ، گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، بخش لاکير مان حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ مڊل اسڪول ، شاھ پنجو مان اٺون پاس ڪيو ۽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، راڌڻ مان مئٽرڪ پاس ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، خيرپور ناٿن شاھ مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن استاد بخاري گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، دادو مان بي اي ۽ ايم اي اقتصاديات فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس ( اولڊ ڪيمپس ) ، حيدرآباد مان شام واري شفٽ جي ريگيولر ڪلاس ۾ بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جا امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيا آهن ـ سائين جن اسٽوڊنٽ لائف ۾ ڳوٺ سڌار سنگت جا تمام گھڻا سرگرم ڪارڪن رھڻ سان گڏ والي بال جا بہ تمام بھترين رانديگر رھيا آهن ـ
سائين جن واپڊا جي ھڪ پروجيڪٽ ، اسڪارپ ۾ بطور داروغو ٽي سال ڪم ڪيو آهي ـ سائين جن کي 8 جون 1987ع تي تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جو آرڊر مليو ـ سندن پوسٽنگ سندن ڳوٺ ۾ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، بخش لاکير ۾ ٿي ، جتان سائين جن پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ھئي ـ سائين جن ملازمت جو ڪجھ عرصو گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، پيروز شاھ ، گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، شاھ پنجو ۽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، نانگو لائين ، ڪوٽڙي ۾ بہ رھيا آهن ـ سائين جن جو 2011ع ۾ ھاء اسڪول ٽيچر طور پروموشن ٿيو ۽ سائين جن جي پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ٿاڻو بولا خان ۾ ٿي ـ سائين جن جو 2013ع ۾ ٽرانسفر گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول ، اشاعت الاسلام ، ڪوٽڙي ۾ ٿيو ـ سائين جن سماجي اڀياس ۽ آسان اڙدو جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ۽ ڪجھ عرصو ڇھين ڪلاس جا ڪلاس ٽيچر رھيا آھن ـ
سائين جن جي بھترين استادن ۾ پرائمري ۾ سائين محمد قاسم چنا ، سائين محمد قاسم ساند ۽ والدڀسائين اميرالدين ناريجو صاحب ، مڊل ۾ سائين غلام نبي ساھڙ ، سائين محمد عالم سومرو ۽ سائين علي بخش جوڻيجو ، سيڪنڊري ۾ سائين عبدالله لاکير ، سائين صوفي چنيسر جھتيال ، سائين جلال الدين ناريجو ۽ سائين حبيب الله ٻٻر ۽ پي ٽي سي ۾ سائين محمد حسين ناگراج شامل آهن ـ سائين جن جا بھترين دوست عبدالحفيظ ناريجو ۽ عبدالله لاکير آهن ـ
سائين جن سنڌي ادبي سنگت جي ڪوٽڙي برانچ جا سرگرم ڪارڪن رھيا آهن ـ سائين جن جو دنياوي علم ۾ تہ ڪو ثاني ناھي پر ان سان گڏ شرعي مسئلن جي بہ سٺي ڄاڻ آهي ـ سائين جن وڏي عرصي کان مسجد جا خطيب ۽ پيش امام رھيا آهن ـ سائين جن وقت جا تمام گھڻا پابند رھيا آهن ـ سائين جن کي سچ سان پيار ۽ ڪوڙ کان سخت نفرت آهي ۽ ھميشہ خودداري کي پسند ڪيو آهي ـ سائين جن پرائمري توڙي سيڪنڊري سائيڊ ۾ ھڪ بھترين استاد ثابت ٿيا آهن ـ سائين جن کي سندن مڃتا ۾ کوڙ دفعا بيسٽ ٽيچر جا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا آهن ـ
سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ چوٿون نمبر آهن ـ سائين جن جا ٻہ ڀائر مرحوم مقصود احمد ناريجو ۽ مطلوب احمد ناريجو بہ پرائمري اسڪول ٽيچر آھن ۽ ھڪ ڀاء امتياز احمد ناريجو ٽي وي مڪينڪ آھي ، ھڪ ڀاء منصور احمد ناريجو پوليس کاتي مان رٽائر ٿيو آھي ۽ ھڪ ڀاء سرفراز احمد ناريجو ٽي سي ايس ڪوريئر ڪمپني ۾ ملازم آهي ـ سائين جن جي فرزند اقرار احمد ناريجو سنڌ يونيورسٽي مان پاڪستان جي اڀياس ۾ ايم اي سان گڏ ڪوٽڙي جي ووڪيشنل ڪاليج ، ٽيڪنيڪل ٽريننگ سينٽر مان ڪمپيوٽر ڪورس بہ ڪيو آهي ـ
سائين جن فيسبوڪ جي توسل سان سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻهن کي محنت ، ايمانداري ۽ خود شناسي جو پيغام ڏنو ـ
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment