Profile # 3 Nadir Ali Jhatial (HST - GBHSII Kotri) نادر علي جھتيال
مان 7 مارچ 1981ع تي ڳوٺ ٺارو جھتيال , راڌڻ , ضلعو دادو ۾ پيدا ٿيس ـ منهنجو والد نظر محمد جھتيال زراعت کاتي ۾ فيلڊ اسسٽنٽ جي نوڪري ڪندو ھو ـ منهنجو والد ڳوٺ جي چند پڙھيل لکيل ماڻھن مان ھڪ ھو ۽ پنهنجين ڪوششن سان ڳوٺ ۾ بجلي جو انتظام ڪيو ـ منهنجي ڄمڻ جي ڪجھ ڏينهن اندر منهنجي والد جو ٽرانسفر ٽنڊوالھيار ۾ ٿيو ـ منهنجي والد پنهنجي ڀاء مھوال جھتيال ۽ منهنجي ناني احمد خان جھتيال (اصل نالو نيڪ محمد جھتيال) سان گڏ ڳوٺ کان ھميشہ لاء موڪلائي , ٽنڊوالھيار ۾ مستقل رھائش اختيار ڪئي ـ منهنجو والد ڪجھ عرصو بيمار رھڻ کانپوء 1992ع ۾ گذاري ويو ـ مان پنهنجي ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ سڀ کان وڏو آهيان ـ منھنجو ننڍو ڀاء ذوالفقار علي جھتيال ھڪ رازو آهي ـ مون 2001ع ۾ گورنمنٽ ھاء اسڪول , خير محمد جروار , ٽنڊوالھيار مان مئٽرڪ پاس ڪئي ـ انٽر پري ميڊيڪل ۾ گورنمنٽ ايس ايم ڪاليج , ٽنڊوالھيار مان 2003ع ۾ پاس ڪيم ـ بي اي ۽ ايم اي عمرانيات بہ ڪاليج سائيڊ مان پاس ڪيم ـ گورنمنٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج , ٽنڊوالھيار مان شارٽ ھينڊ ۽ ٽائپنگ جو امتحان پاس ڪيم ـ گورنمنٽ ايليمينٽري ڪاليج , حيدرآباد مان سي ٽي جو امتحان پاس ڪيم ـ سنڌ يونيورسٽي , ڄامشورو جي ايلسا قاضي ڪيمپس (اولڊ ڪيمپس) , حيدرآباد مان بي ايڊ ريگيولر ڪلاس ۾ پاس ڪيم ـ
2005ع ۾ ٽيچنگ ڪيريئر ھڪ پرائيويٽ اسڪول کان شروع ڪيم ـ ان پرائيويٽ اسڪول ۾ جڏھن مان انٽرويو ڏيڻ ويس تہ اسڪول جي پرنسپال مون کان سوال پڇيو تہ رياضي پڙھائڻ ايندي اٿئي ؟ مون وراڻيو تہ نہ ـ ان پرنسپال چيو تہ رياضي سکي وٺ ـ ان وقت اسڪول ۾ ٽيچرس جي ضرورت ھئي ان ڪري مون کي نوڪري ملي وئي ـ مون جڏهن پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏنو تہ مون کي خبر پئي تـ مون تہ صرف آرٽس جي سبجيڪٽس سان ڪجھ واسطو رکيو آهي , سائنس ۽ رياضي جي سبجيڪٽس ۾ تہ مون ڪا دلچسپي ئي نہ رکي آهي ۽ انٽر ميڊيڪل ۾ بہ صرف نالي جي ڪئي آهي ـ رياضي ڪجھ تہ ايندي ھئي پر پرائيويٽ اسڪولن ۾ مختلف پبلشرز جا مختلف ڪتاب ھئا ۽ پڙھائڻ دوران تہ ھر ھڪ سوال حل ڪري سمجھائڻو بہ ھوندو آهي ـ مون محسوس ڪيو تہ ايتري قابليت مون ۾ ناهي ـ اھو سوچي مون سي ٽي ۾ داخلا ورتي ـ سي ٽي ڪورس دوران ليسن پلان تي جڏھن منهنجو پريزنٽيشن ڏيڻ جو وارو آيو تہ مان ڪلاس ۾ پريزنٽيشن ڏيڻ لاء بيٺس تہ منهنجو ڪانفيڊنس لوز ٿي ويو ـ مان اکيون کڻي ڪنهن ڏي ڏسي نہ پيو سگھان ـ منهنجو منهن روئڻ جھڙو ٿي ويو ـ اھا ڪيفيت مان بيان نٿو ڪري سگھان ـ اھڙي ڪيفيت منھنجي ڪڏهن ڪونہ ٿي ھئي ـ مون جڏهن پنهنجي تعليمي سفر تي نظر ڊوڙائي ڏٺو تہ خبر پئي تہ مون اسٽوڊنٽ لائف ۾ ڪڏهن ڪنهن سرگرمي يا پروگرام ۾ حصو ئي نہ ورتو آهي ـ جنهن جي ڪري ڪانفيڊنس ۽ پريزنٽيشن ڏيڻ مون سکيو ئي نہ ھو ـ پريزنٽيشن ڏيڻ جو ھنر سکڻ لاء جڏهن مون اولڊ ڪيمپس حيدرآباد ۾ بي ايڊ جي مارننگ سيشن ۾ ريگيولر ڪلاس ۾ داخلا ورتي تہ ميٿڊ ۾ سائنس ۽ رياضي جا سبجيڪٽ کنيم تہ جيئن سائنس جا سبجيڪٽ پڙھائڻ ۾ بہ مدد ملي ـ 2007ع ۾ تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ ۾ فيل ٿي ويس ـ مختلف سبجيڪٽس جي تياري ڪيم ۽ مختلف کاتن ۾ ٽيسٽ ۽ انٽرويوز ڏيڻ شروع ڪيم ـ 2009ع ۾ بينظير ڀٽو يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام جي فرسٽ فيز ٽريننگ ڪيم جنھن ۾ سائين غلام رسول غازي , سائين سيد آفتاب احمد شاھ , سائين جورج سراج , سائين محمد حسين آريسر , مس فرزانہ جوڻيجو ۽ مس نصرت قائمخاني جھڙن ماسٽر ٽرينرس ۽ الله بخش پتافي , غلام نبي پتافي , عظيم غازي , الله ڏنو عاقلاڻي , سيد عمران شاھ , نعيم ڪمبوھ , محمد سليم ڪنڀر , ھدايت الله ميمڻ , غلام رسول لغاري ۽ موھن لال لاھو جھڙن دوستن جي صحبت نصيب ٿي ـ 2012ع ۾ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ جڏهن اين ٽي ايس پاران ٽيچرز جي ڀرتي جو اعلان ٿيو تہ پنهنجن پيارن دوستن دمساز علي ٻگھيو , ايڊووڪيٽ آغا آصف ڏاھري , منصور علي ڀٽي ۽ سجاد علي قريشي سان گڏ ٽيسٽ جي تياري ڪيم ـ جڏهن ٽيسٽ جو رزلٽ آيو تہ مان پي ايس ٽي ۾ 92 مارڪن سان ضلعي ڄامشورو ۾ پوزيشن تي ھوس ۽ جي ايس ٽي ۾ 80 مارڪن سان پنهنجي يوسي ۾ ٽاپ تي ھوس ـ ان ڪاميابي تي پاڙي جي مشهور شخصيت سائين غلام مصطفىٰ خشڪ ھڪ پروگرام ۾ مون کي ايوارڊ پڻ ڏنو ـ مون ٻنهي مان جي ايس ٽي جو آرڊر وٺڻ جو سوچيو ـ ان ٽيسٽ جي رزلٽ جي بنياد تي مان 18 جولاء 2014ع ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر ڀرتي ٿيس ـ منهنجي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي ۾ ٿي ـ 2021ع ۾ پروموشن ٿيو ۽ مان ھاء اسڪول ٽيچر ٿي ويس ـ منهنجي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , الھبچايو شورو , ڪوٽڙي ۾ ٿي ـ ڪجھ وقت کانپوء منھنجو ٽرانسفر گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي ۾ ٿيو ـ اسڪول ۾ اڄ تائين ٻہ سبجيڪٽ انگريزي ۽ رياضي پڙھايا اٿم ۽ اڙدو ميڊيم جي ڪلاسز ستين , اٺين ۽ نائين جو ڪلاس ٽيچر رھيو آھيان ـ منهنجا بھترين ٽيچرز اسڪول لائف ۾ سر منظور علي جروار , مختصر نويسي ۾ سر محمد سليم ٽالپر , ٽريننگز ۾ سر غلام رسول غازي ۽ مس عمارھ گل آهن ـ منهنجن بھترين دوستن ۾ ماجد مجيداڻو , مظھر ٽالپر ۽ عظيم غازي شامل آهن ـ منهنجي پسنديدھ شخصيت منهنجي امڙ آهي جنهن منھنجي ھر موڙ تي رھنمائي ڪئي آهي ـ مون 2016ع ۾ مرحوم سائين بدرالدين پنھور جي تنظيم , سيھارو ڊولپمينٽ فائونڊيشن پاران ڪوٽڙي جي مشهور ٽيچرز کي ايوارڊز پڻ ڏنا ـ
جولاء 2020ع ۾ پروفيسر مدد جھتيال جي باري ۾ فيسبڪ تي پوسٽ پڙھيم تہ پروفيسر صاحب جھتيال ذات تي ھڪ ڪتاب لکي رھيو آهي ـ ان پوسٽ ۾ پروفيسر صاحب جو ڪانٽيڪٽ نمبر ڏنل ھو تہ جھتيال ذات جي باري ۾ جھتيال ذات جو ھر ماڻهو پنهنجي ڊيٽا جمع ڪرائي ـ مون ان نمبر تي ڪال ڪري ڳالھايومانس ـ پروفيسر صاحب ٻئي ڏينهن مون سان ملڻ ڪوٽڙي آيو ـ پروفيسر صاحب سان تمام سٺي ڪچھري ٿي جيڪا دوستي ۾ بدلجي وئي ـ مان بہ پروفيسر صاحب وٽ سندس رھائشگاھ تي حيدرآباد ملڻ ويس ۽ پوء اچڻ وڃڻ جو سلسلو ھلندو رھيو ـ مون ڪوٽڙي شھر ۾ رھندڙ سڀني جھتيالن جي ڊيٽا ڪليڪٽ ڪري پروفيسر صاحب وٽ جمع ڪرائي ـ پروفيسر صاحب سان گڏ ڊيٽا ڪليڪٽ ڪرڻ جي لاء سائيٽ ايريا ڪوٽڙي , ڄامشورو , ٽنڊو حيدر ۽ ٽنڊو ڄام جا سفر ڪيم ـ پروفيسر صاحب جي مون سان محبت جو اندازو ان ڳالھ سان لڳائي سگھجي ٿو تہ جڏهن بہ پروفيسر صاحب ڪوٽڙي ايندو آهي تہ مون سان ضرور ملندو آهي ۽ مون سان گڏ مائٽن ڏانهن ھلندو آهي ـ جھتيال اتحاد جي حوالي سان پروفيسر صاحب جون خدمتون ھميشہ پيون ڳائبيون ـ مان آل پاڪستان جھتيال اتحاد جو ڪارڪن بہ آھيان جنهن ۾ مختلف گڏجاڻين ۾ حصو پڻ ورتو اٿم ـ آل پاڪستان جھتيال اتحاد جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ سان جھتيال برادري جي جن نئين شخصيتن سان گھرائپ ٿي تن ۾ ضمير حسين جھتيال , ايڊووڪيٽ صابر علي جھتيال , فيض محمد جھتيال , جنيد احمد جھتيال , سارنگ جھتيال , شاھزيب جھتيال ۽ انصار جھتيال شامل آھن ـ
آگسٽ 2022ع ۾ پنهنجن پيارن دوستن اعجاز سولنگي , حسن علي کوسو , شعيب محمد ھڪڙو , مختيار علي ڏاھري , مدد علي ڪلھوڙو , عدنان حسين مغل , محمد اياز کوسو ۽ ظفر علي ٻليدائي سان ملي ڪري نعيم علي ابڙو جي اسڪول , برائيٽ فائونڊيشن پبلڪ اسڪول ۾ شام جو ٽيوشن سينٽر سڪسيس اڪيڊمي آف ماڊرن سائنسز کوليوسين ـ سينٽر ۾ مان رياضي پڙھائي رھيو آهيان ـ
منهنجي زندگي جو سفر سکڻ ۽ سيکارڻ سان رھيو آهي ـ منهنجي نظر ۾ پڙھائڻ ھڪ ڏکيو عمل آهي جنھن ۾ پڙھائي جھڙو ماحول پيدا ڪرڻ ۽ مواد جي ڄاڻ سان گڏ مختلف ٽريننگز ۽ ڪورسز ڪرڻ جو عمل جاري رکڻ تمام ضروري آهي ـ منهنجو شاگردن ۽ عام ماڻهن لاء پيغام ھي آهي "محنت سان پنهنجي منزل ماڻيو ـ دنيا توهان کي توهان جي سھڻي اخلاق ۽ ڪاميابين جي ڪري ئي ياد رکندي ـ "
Admin Sindh Educators page Nadir Ali Jhatial.

Comments
Post a Comment