Profile # 3 Abdul Hayee Junejo (OT - GBHSII Kotri) عبدالحئي جوڻيجو


محترم جناب سائين علامہ عبدالحئي جوڻيجو صاحب 4 مارچ 1964ع تي ڳوٺ پريو جوڻيجو , تعلقو خيرپور ناٿن شاھ , ضلعو دادو ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو والد مفتي محمد صالح جوڻيجو عفي عنہ ما کان منہ دين جو وڏو عالم رھيو آھي ـ سندن والد کي سڀني اسلامي فنن تي ڪمال حاصل ھو ـ علم الميراث کي اڌ علم سڏيو ويو آھي , سندن والد علم الميراث جو ماھر ھو ـ سندن والد علم الميراث تي ھڪ نقشو پڻ تيار ڪيو ھو , جنهن جي ڪري شاگرد پھرئين ئي ڏينھن تي فتویٰ ڏيڻ جي قابل ٿي ويندا آھن , ڀلي اھي علم کان اڻ ڄاڻ ئي ڇو نہ ھجن ـ سندن والد جا ڪيترائي شاگرد مفتي ۽ عالم جي درجي تي پھتا آھن ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٻيو نمبر آهن ـ سائين جن مولوي , عالم ۽ فاضل جو امتحان پاس ڪيو آهي ـ سائين جن اورينثل ٽيچر سرٽيفڪيٽ جو ڪورس بہ ڪيو آهي ـ سائين جن ايم اي عربي ۾ پاس ڪيو آهي ـ  سائين جن اسٽوڊنٽ لائف ۾ ڪوڏي ڪوڏي , ملھ , والي بال ء رننگ جا تمام گھڻا سٺا رانديگر رھيا آهن ـ سائين جن کي 3 مئي 1984ع ۾ اورينٽل ٽيچر جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز مڊل اسڪول , مانجھند ۾ ٿي ـ سائين جن ڪيڊٽ ڪاليج , پيٽاڙو , تعلقو ڪوٽڙي , گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , الھ آباد , تعلقو دادو , گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , ٻورڙي , تعلقو خيرپور ناٿن شاھ ۽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , ڪوٽڙي ۾ بہ ڪافي عرصو خدمتون سر انجام ڏنيون آهن ـ سائين جن جو 1991ع ۾ ٽرانسفر گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي ۾ ٿيو ـ سائين جن اسلاميات ۽ عربي جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ـ سائين جن ڪافي عرصي کان اسيمبلي ۾ شاگردن کي اسلام جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ جو اھتمام ڪيو آهي ـ سائين جن جون پسنديدھ شخصيتون سندن ماء ۽ پيء آهن ـ سائين جن ڪافي عرصي کان مسجد ۾ پيش امامت جا فرض نڀائي رھيا آهن ـ سائين جن جو وڏو فرزند زاھد حسين جوڻيجو ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار ڪري ٿو ۽ ننڍو فرزند آفتاب احمد عرف مفتي نويد احمد جوڻيجو ھڪ وڏو عالم آهي ـ سائين جن فيسبوڪ جي توسل سان سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻھن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " اسلامي روء سان پنهنجن والدين ۽ استادن جو ادب ۽ احترام ڪريو ـ محنت ۽ ڪوشش ڪرڻ سان گڏ الله ۽ ان جي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَسَلَّم تي ڀروسو ڪريو ـ دنيا جي رسمن ۽ رواجن , قصن ۽ ڪھاڻين کي ڇڏي الله رب العزت جي حڪم جي فرمانبرداري ڪريو ـ ان حڪم کي پورو ڪرڻ ۾ رسول جو طريقو اپنايو تہ انشاء الله دنيا ۾ بہ ڪاميابي ۽ آخرت ۾ ھميشہ ھميشہ جي زندگي ۾ بہ ڪاميابي ماڻي وٺندوء ـ"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل