Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل
محترم جناب سائين عبدالسليم مغل صاحب 2 مارچ 1967ع تي ضلعو ڄامشورو جي شھر ڪوٽڙي ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو والد عبدالمجيد مغل روينيو کاتي , ڪوٽڙي ۾ مختيارڪار رھي چڪو آهي ـ سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ بوائز پرائمري ڪيمپس اسڪول , سنڌي مين , ڪوٽڙي مان حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي مان مئٽرڪ پاس آهي ـ سائين جن گورنمنٽ علي بابا ڊگري ڪاليج , ڪوٽڙي مان انٽر ۽ بي اي جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس (اولڊ ڪيمپس) , حيدرآباد مان بي ايڊ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن کي 8 جون 1989ع ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , ليبر اسڪوائر , ڪوٽڙي ۾ ٿي ـ سائين جن ملازمت جو ڪجھ عرصو گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , خورشيد ڪالوني , ڪوٽڙي ۾ بہ خدمتون سر انجام ڏنيون آھن ـ سائين جن ھن وقت گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي جي مرجڊ اسڪول , گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي ۾ پنهنجا فرض نڀائي رھيا آهن ـ سائين جن ٽائيم اسڪيل جي حساب سان ھن وقت سورھين گريڊ ۾ آهن ـ سائين جن پنهنجي صلاحيتن جي ڪري ڪجھ عرصو انچارج ھيڊ ماستر بہ رھيا آهن ـ سائين جن جي بھترين استادن ۾ سائين گل محمد سومرو , سائين اشرف ملاڻو , سائين ذوالقعد ميمڻ , سائين شوڪت علي , سائين محمد عرس , سائين علي نواز , سائين عبدالله انصاري , سائين امير بخش , سائين مير محمد , سائين وريل سومرو , سائين لعل بخش نائچ ۽ سائين مرزا شاھجھان بيگ شامل آهن ـ سائين جن جا بھترين دوست نثار بروھي , شفيع محمد ميسو , سھيل پاٽولي , رفيق خاصخيلي , قاضي عبدالباقي , نجف ڀٽي , محبوب علي ۽ جاويد انصاري آهن ـ سائين جن کي منافق ماڻهو پسند نہ آھن فقط اھي جيڪي ھڪڙي ڳالھ ڪن ـ
سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٽيون نمبر آهن ـ سائين جن جو ھڪ ڀاء عبدالرفيق مغل سنڌ يونيورسٽي , ڄامشورو ۾ آفيس سپرنٽينڊنٽ آھن ـ سائين جن جي وڏي فرزند محمد عمار ياسر مغل مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي , ڄامشورو مان بي اي اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ پاس ڪئي آهي ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن سونھري لفظن ۾ پيغام ڏنو "والدين کي گھرجي تہ پنهنجن ٻارن جي تعليم تي ڌيان ڏين ۽ ٻار کي گھر ۾ تعليم جو ماحول پيدا ڪري ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ـ پنهنجي ٻار جي تعليم جي لاء استادن سان رابطي ۾ رھن ۽ ٻار جي پروگريس جي لاء ھر ممڪن قدم کڻن تہ جيئن ٻار کي گھر مان بہ ھمت افزائي ٿئي ۽ ٻار پنهنجي منزل تي پھچي ڪري پنهنجي والدين ۽ سماج جي خدمت ڪري سگهي -"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment