Posts

Showing posts from March, 2024

Profile # 157 Nisar Ahmed Khokhar (PST - GBPS Bambha) نثار احمد کوکر

Image
  Profile # 157 سنڌ سڳوري جي مشھور مذھبي ديندار گھراڻي ۽ فقيراڻي خاندان سان تعلق رکندڙ محترم جناب سر نثار احمد کوکر صاحب چوڏھن جون 1988ع بمطابق ٽئين ربيع الاول جمع جي ڏينھن شام جو 05:00 بجہ سنڌ جي تاريخي ڳوٺ بلاولپور نزد ٽلٽي تعلقه سيوھڻ شريف ضلعو ڄامشورو جي ھڪ مشھور و معروف بزرگ ھستي ديني عالم باعمل مفتي اعظم حافظ القرآن خليفه مخدوم الحاج سائين محمد موسيٰ کوکر رحمه الله عليه جي پوٽي سائين محمد صالح کوکر جي گھر ۾ جنم ورتو. مخدوم صاحب پنھنجي دور جا قاضي ھئڻ ڪري شرعي فيصلا ڪندا ھئا ۽ زميندار پڻ ھئا، سندن مدرسي ۾ ھزارين طالب ديني ۽ دنيوي علم پرائيندا ھئا، سندن جا مشھور شرعي ڪتاب "فتويٰ فقه" ۽ "بياد موسوي" ھن وقت مدرسن ۾ پڙھايا ويندا آھن. سائين نثار احمد کوکر ابتدائي پرائمري تعليم گورنمنٽ بوائز مين پرائمري اسڪول ڀان سيدآباد مان 1998ع ۾ پاس ڪيائين. مئٽرڪ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڀان سيدآباد مان 2003ع ۾ حاصل ڪئي. انٽرمئڊيئٽ گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ڀان سيدآباد مان 2005ع ۾ پرايائين. گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج سيوھڻ شريف مان 2007ع ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. گورنمنٽ بوائز ڊ...

Profile # 156 Ayaz Iqbal Jokhio (PST - GBPS Walidad Jokhio) اياز اقبال جوکيو

Image
  AYAZ IQBAL, born on the 3rd of March, 1991, is an extraordinary individual who has dedicated his life to the pursuit of knowledge and the betterment of education. His journey began in his native village, Walidad Jokhio, where he received his primary education, laying the foundation for his future academic achievements.  As he progressed, Ayaz attended Quaid e Azam Public School, where he continued to excel in his studies. His thirst for knowledge led him to pursue higher education, and he achieved two honors degrees – one in Computer Science and another in Education. These qualifications have not only broadened his understanding of various subjects but have also equipped him with the necessary skills to impart knowledge to others. Ayaz's commitment to the field of education led to his appointment as a Primary School Teacher (PST) in 2014. His passion for teaching and learning has not wavered, and he has recently qualified as a Junior School Teacher. This remarkable accomplis...

Profile # 155 Dost Muhammad Soomro (PST - GBPS New Jatoi) دوست محمد سومرو

Image
  محترم جناب سائين دوست محمد سومرو صاحب جو جنم پھرين مارچ 1993ع تي ضلعو نوشهروفيروز جي ڳوٺ نوان جتوئي، تعلقو مورو ۾ ٿيو. پاڻ پرائمري جي تعليم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول نوان جتوئي مان حاصل ڪيائون. مئٽرڪ جو امتحان بہ پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول نيو جتوئي مان پاس ڪيائون. انٽر ۽ بي ايس سي ۽ سنڌي ۾ ماسٽرس جي ڊگري گورنمنٽ مھراڻ ڊگري ڪاليج، مورو مان حاصل ڪيائون. شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ميرس مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪيائون. ان کان علاوھ ڊرائينگ ۽ آء ٽي ۾ سرٽيفيڪيٽ ۽ مختصر نويسي ۾ ڊپلومہ پڻ حاصل ڪيائون. سندن ڏاڏو غلام محمد سومرو اصل بکري ھاڻوڪو درٻيلو جو رھاڪو ھو ۽ ڊکاڻڪي پيشي سان وابستہ رھيو. سندن والد الھڏنو سومرو مھراڻ ڊگري ڪاليج، مورو ۾ ليبارٽري اٽينڊنٽ ھو. سندن والد کي 2004ع ۾ فالج جو جھٽڪو آيو جنھن سبب سندن والد مڪمل طور تي پيرالائيزڊ ٿي ويو. سندن گذر سفر جو ذريعو صرف والد جي آمدني ھئي. جڏھن سندن والد بستر ڀيڙو ٿيو تہ سندن مالي حالات تمام خراب ٿي ويا جنھن کان پوء 2004ع کان 2015ع تائين پاڻ پنهنجي والد جي جڳھ تي ڊيوٽي ڪيائون. سائين جن ڀا...

Profile # 154 Atiqullah Memon (HST - GBHSS Mirpur Bathoro) عتيق الله ميمڻ

Image
  محترم جناب سائين عتيق الله ميمڻ صاحب جو جنم پھرين مارچ 1977ع تي ضلعو سجاول جي شھر ميرپور بٺورو ۾ ٿيو. پاڻ پي سي اسڪول ميرپور بٺورو مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪيائون. گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ميرپور بٺورو مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائون. شاگردي واري زماني ۾ اسڪول جي ڪرڪيٽ ٽيم جا ڪيپٽن رھيا. انٽر جي تعليم حاصل ڪرڻ اين اي بلوچ ماڊل اسڪول، حيدرآباد ويا. سنڌ يونيورسٽي مان بي اي ۽ بي ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪيائون. سائين جن ديوان شگر ملز ۾ ٽي پي ٽي ڪيشئر ۽ ويبرج آفيسر طور ڪم ڪيو. 1996ع ڌاري سنڌي ادبي سنگت بٺورو شاخ جا خزانچي رھيا. ان کانپوء ھڪ اين جي او ھينڊز ۾ سوشل آرگنائيزر طور ڪم ڪيائون ۽ 2010ع ۾ فلاح پروجيڪٽ ۾ ماسٽر ٽرينر جي ٽريننگ پڻ ڪيائون. پاڻ تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ ذريعي 25 جولاء 2014ع تي گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ميرپور بٺورو ۾ جي ايس ٽي طور مقرر ڪيا ويا جتان پاڻ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ھو. 2020ع ۾ ايڇ ايس ٽي ۾ ترقي ماڻيائون. سائين جن سماجي اڀياس، اردو، سنڌي ۽ انگريزي جا مضمون پڙھايا آهن ۽ ستين، اٺين، نائين ۽ ڏھين درجي جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن. سائين جن استادن جي تنظ...

Profile # 153 Muhammad Essa Soomro (PST - GBELS Khuda Ji Basti) محمد عيسي سومرو

Image
  محترم جناب سائين محمد عيسيٰ سومرو صاحب جو جنم پھرين مارچ 1972ع تي ضلعو دادو جي ڳوٺ سيتا ننڍي، تعلقو دادو ۾ ٿيو. پاڻ پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول سيتا ننڍي مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪيائون. مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ لاءِ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول سيتا وليج ويا جنهن جو امتحاني سينٽر گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول سيتا روڊ ھو. انٽر جي تعليم لاء گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج، خيرپور ناٿن شاھ ۾ داخلا ورتائون. ان کانپوء استاد بخاري گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج، دادو مان بي اي ۽ اسلامڪ ڪلچر ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائون. سنڌ زرعي يونيورسٽي، ٽنڊو ڄام مان بي ايڊ جي پروفيشنل ڊگري فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪيائون. سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 17 نومبر 1990ع تي پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ۽ سندن تقرري گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول جعفر چانڊيو ۾ ٿي. سائين جن ڪجھ عرصو گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول سيتا ننڍي ۾ رھيا ۽ سندن 2003ع ۾ بدلي گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول بھار ڪالوني ۾ ٿي. سندن 2006ع ۾ بدلي گورنمنٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول خدا جي بستي ۾ ٿي جتي 2012ع کان انچارج ھيڊ ماستر رھيا ۽ 2017ع ۾ ھيڊ ماستر جي چارج آ...

Profile # 152 Dil Nawaz Memon (HST - GBHS Campus Khursheed Colony) دلنواز ميمڻ

Image
  محترم جناب سائين دلنواز ميمڻ صاحب جو جنم پھرين مارچ 1964ع تي ضلعو ڄامشورو جي شھر لاکا، تعلقو مانجھند ۾ ٿيو. سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول لاکا مان حاصل ڪئي جتي سندن سائين محمد اسمٰعيل ميمڻ ۽ سائين عبدالواحد ميمڻ جھڙا استاد نصيب ٿيا. ڇھين کان نائين درجي تائين گورنمنٽ بوائز مڊل اسڪول لاکا ۾ سندن شفيق استاد سائين محمود ٻجورو، سائين الھڏنو ميمڻ ۽ سائين سڪندر علي سومرو ھئا جڏھن تہ 1980ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول سن مان پاس ڪيائون جتي سائين گيانچند، سائين بچل شاھ ۽ سائين الھبچايو سومرو سندن بھترين استاد رھيا. سندن مئٽرڪ جي تعليم تي تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي طور 22 آگسٽ 1982ع تي گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول شاھ اويس قرني ۾ مقرر ڪيو ويو جيڪو اسڪول سنڌ جي عظيم بزرگ شاھ اويس قرني جي نالي سان آهي. 84-1983ع ۾ گورنمنٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن دادو مان پي ٽي سي ۽ 1984ع ۾ استاد بخاري گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج، دادو مان انٽر جو امتحان پاس ڪيائون. علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي مان 1994ع ۾ بي ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪيائون. 1997ع ۾ گورنمنٽ سچل سرمست آرٽس ...

Profile # 151 Darya Khan Khushk (HST - GBHS Lal Khan Lashari) درياھ خان لاشاري

Image
  Profile # 151 محترم جناب سائين درياھ خان خشڪ صاحب جو جنم پهرين مارچ 1985ع تي ضلعو ڄامشورو جي تاريخي ڳوٺ ٽلٽي، تعلقو سيوھڻ شريف ۾ ٿيو. پاڻ پرائمري جي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ٽلٽي محلہ علي آباد مان پرايائون. مئٽرڪ گورنمنٽ بوائز هاء اسڪول ٽلٽي مان پاس ڪرڻ کانپوء گورنمنٽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول ڀان سيدآباد ۾ انٽر جي تعليم حاصل ڪرڻ ويا. گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج سيوهڻ مان گريجوئيشن ۽ انگريزي جي مضمون ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائون. بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جي پروفيشنل ڊگري علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان حاصل ڪيائون. سائين جن کي آرمي آفيسر ٿيڻ جو شوق هو. ان لاء سيڪنڊ ليفٽيننٽ جي ٽيسٽ پاس ڪيائين پر آء ايس ايس بي جي انٽرويو ۾ فيل ٿي پيا. ان کانپوء ڪجھ سال خانگي اسڪولن ۾ ملازمت ڪيائون. پنهنجي محنت سان تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪري پھرين آگسٽ 2008ع ۾ پي ايس ٽي طور گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول لال خان لاشاري ۾ مقرر ڪيا ويا. ان کان پوء ھڪ دفعو ٻيھر تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪري 18 جولاء 2014ع تي جي ايس ٽي طور مقرر ڪيا ويا. لال خان لاشاري ...