Profile # 155 Dost Muhammad Soomro (PST - GBPS New Jatoi) دوست محمد سومرو
محترم جناب سائين دوست محمد سومرو صاحب جو جنم پھرين مارچ 1993ع تي ضلعو نوشهروفيروز جي ڳوٺ نوان جتوئي، تعلقو مورو ۾ ٿيو. پاڻ پرائمري جي تعليم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول نوان جتوئي مان حاصل ڪيائون. مئٽرڪ جو امتحان بہ پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول نيو جتوئي مان پاس ڪيائون. انٽر ۽ بي ايس سي ۽ سنڌي ۾ ماسٽرس جي ڊگري گورنمنٽ مھراڻ ڊگري ڪاليج، مورو مان حاصل ڪيائون. شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ميرس مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪيائون. ان کان علاوھ ڊرائينگ ۽ آء ٽي ۾ سرٽيفيڪيٽ ۽ مختصر نويسي ۾ ڊپلومہ پڻ حاصل ڪيائون.
سندن ڏاڏو غلام محمد سومرو اصل بکري ھاڻوڪو درٻيلو جو رھاڪو ھو ۽ ڊکاڻڪي پيشي سان وابستہ رھيو. سندن والد الھڏنو سومرو مھراڻ ڊگري ڪاليج، مورو ۾ ليبارٽري اٽينڊنٽ ھو. سندن والد کي 2004ع ۾ فالج جو جھٽڪو آيو جنھن سبب سندن والد مڪمل طور تي پيرالائيزڊ ٿي ويو. سندن گذر سفر جو ذريعو صرف والد جي آمدني ھئي. جڏھن سندن والد بستر ڀيڙو ٿيو تہ سندن مالي حالات تمام خراب ٿي ويا جنھن کان پوء 2004ع کان 2015ع تائين پاڻ پنهنجي والد جي جڳھ تي ڊيوٽي ڪيائون. سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ آخري ڇھون نمبر آهن. سندن ٻيو ڀاء ڊرائيونگ ڪندو آهي. سندن خاندان مان يارھن سئوٽ سرڪاري ملازم آھن. پنهنجي محنت سان اين ٽي ايس جي ٽيسٽ ذريعي پھرين اپريل 2015ع تي بطور پي ايس ٽي گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول نيو جتوئي ۾ مقرر ٿيا جتان پاڻ پرائمري جي تعليم حاصل ڪيائون. تنظيمي لحاظ کان پ ٽ الف ۾ ورڪنگ ڪاميٽي جا ميمبر رھيا آهن. اين ٽي ايس ذريعي ڀرتي ٿيندڙ سنڌ جي ڪانٽريڪٽ استادن کي ريگيولرائز ڪرائڻ ۾ ضلعو نوشھرو فيروز جي اڳواڻ طور اڀريا. سائين جن سماجي ڪمن ۾ مشھوري جي ڪري سوشل ورڪر طور سڃاتا وڃن ٿا. سماجي ڪمن جي ڪري سندن مڃتا ۾ ايوارڊ بہ مليا آهن. پاڻ تعليم کاتي ۾ مختلف تربيتون حاصل ڪيون آهن جن ۾ انڊڪشن ٽريننگ ۽ پائيٽ ٽريننگ سر فھرست آهن. پاڻ تعليم کاتي طرفان فوڪل پرسن ۽ اگزيم ڪاميٽي جا ميمبر آهن. راندين ۾ ڪرڪيٽر آهن. سندن پسنديدھ شخصيتون امر جليل، استاد بخاري ۽ احمد خان مدهوش آهن. سندن بھترين استادن ۾ استاد ارباب علي ملاح، استاد طارق علي ميمڻ، استاد فيض محمد چنہ، استاد مظھر حسين گبول، استاد علي اصغر قريشي ۽ پروفيسر نور محمد سومرو شامل آهن.
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو "تعليم حاصل ڪيو. ٻين کي تعليم ڏيو. ماڻھن ۾ شعور آڻيو ۽ انسانيت جي خدمت ڪيو."
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي.

Comments
Post a Comment