Profile # 154 Atiqullah Memon (HST - GBHSS Mirpur Bathoro) عتيق الله ميمڻ
محترم جناب سائين عتيق الله ميمڻ صاحب جو جنم پھرين مارچ 1977ع تي ضلعو سجاول جي شھر ميرپور بٺورو ۾ ٿيو. پاڻ پي سي اسڪول ميرپور بٺورو مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪيائون. گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ميرپور بٺورو مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائون. شاگردي واري زماني ۾ اسڪول جي ڪرڪيٽ ٽيم جا ڪيپٽن رھيا. انٽر جي تعليم حاصل ڪرڻ اين اي بلوچ ماڊل اسڪول، حيدرآباد ويا. سنڌ يونيورسٽي مان بي اي ۽ بي ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪيائون.
سائين جن ديوان شگر ملز ۾ ٽي پي ٽي ڪيشئر ۽ ويبرج آفيسر طور ڪم ڪيو. 1996ع ڌاري سنڌي ادبي سنگت بٺورو شاخ جا خزانچي رھيا. ان کانپوء ھڪ اين جي او ھينڊز ۾ سوشل آرگنائيزر طور ڪم ڪيائون ۽ 2010ع ۾ فلاح پروجيڪٽ ۾ ماسٽر ٽرينر جي ٽريننگ پڻ ڪيائون. پاڻ تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ ذريعي 25 جولاء 2014ع تي گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ميرپور بٺورو ۾ جي ايس ٽي طور مقرر ڪيا ويا جتان پاڻ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ھو. 2020ع ۾ ايڇ ايس ٽي ۾ ترقي ماڻيائون. سائين جن سماجي اڀياس، اردو، سنڌي ۽ انگريزي جا مضمون پڙھايا آهن ۽ ستين، اٺين، نائين ۽ ڏھين درجي جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن. سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جي يونٽ بٺورو ۾ جنرل سيڪريٽري رھيا آهن. سندن ادبي ڪتاب پڙھڻ غزل ۽ پراڻين فلمن جا گانا ٻڌڻ پسند آهي. سندن بھترين استاد سائين غلام رضا خواجہ، سائين غلام محمد جوھر ۽ سائين غلام حسين رنگريز آهن. سندن بھترين دوست ڊاڪٽر ڪشور ڪمار، اسد خواجہ ۽ جاويد زنئور آهن.
سائين جن جو خاندان شھر جو سياسي واپاري ۽ پڙھيل لکيل خاندان آھي. سندن والد حاجي محمد اسحق ميمڻ سينئر بينڪ آفيسر آهن. سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ چوٿون نمبر آهن. سندن وڏو ڀاء نيشنل بينڪ ۾ آفيسر آهي. سندن ٻہ ڀائر بہ استاد آهن.
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو "تعليم حاصل ڪريو ۽ تعليم ذريعي پنهنجي منزل ماڻيو. تعليم سان ئي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ٿي سگھي ٿي."
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي.

Comments
Post a Comment