Profile # 151 Darya Khan Khushk (HST - GBHS Lal Khan Lashari) درياھ خان لاشاري
Profile # 151
محترم جناب سائين درياھ خان خشڪ صاحب جو جنم پهرين مارچ 1985ع تي ضلعو ڄامشورو جي تاريخي ڳوٺ ٽلٽي، تعلقو سيوھڻ شريف ۾ ٿيو. پاڻ پرائمري جي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ٽلٽي محلہ علي آباد مان پرايائون. مئٽرڪ گورنمنٽ بوائز هاء اسڪول ٽلٽي مان پاس ڪرڻ کانپوء گورنمنٽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول ڀان سيدآباد ۾ انٽر جي تعليم حاصل ڪرڻ ويا. گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج سيوهڻ مان گريجوئيشن ۽ انگريزي جي مضمون ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائون. بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جي پروفيشنل ڊگري علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان حاصل ڪيائون.
سائين جن کي آرمي آفيسر ٿيڻ جو شوق هو. ان لاء سيڪنڊ ليفٽيننٽ جي ٽيسٽ پاس ڪيائين پر آء ايس ايس بي جي انٽرويو ۾ فيل ٿي پيا. ان کانپوء ڪجھ سال خانگي اسڪولن ۾ ملازمت ڪيائون. پنهنجي محنت سان تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪري پھرين آگسٽ 2008ع ۾ پي ايس ٽي طور گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول لال خان لاشاري ۾ مقرر ڪيا ويا. ان کان پوء ھڪ دفعو ٻيھر تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪري 18 جولاء 2014ع تي جي ايس ٽي طور مقرر ڪيا ويا. لال خان لاشاري اسڪول پھريان مڊل اسڪول هو جنهن کي اپگريڊ ڪرائڻ ۾ وس آهر پنهنجو ڪردار ادا ڪيائون جنهن جي نتيجي ۾ اڄ مئٽرڪ پاس ڪندڙ پهرين بئچ جا ٻہ شاگرد مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڪمپيوٽر سسٽم ۽ ڪمپيوٽر سائنس ۾ سيڪنڊ ايئر جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. پاڻ 15 جنوري 2021ع تي ترقي ماڻي ايڇ ايس ٽي ٿيا. الحمدلله سائين جن سڀني سبجيڪٽس ۾ آل رائونڊر آھن پر سندن پسنديدھ سبجيڪٽ رياضي ۽ فزڪس آهن. سندن بهترين دوست ڪتاب آهن ۽ تنهائي پسند آهن. سندن پسنديدھ شخصيت سيد علي خامنائي رهبر معظم آهن.
سائين جن ملازمت کان علاوھ 2016ع کان وٺي ڀان سيد آباد ۾ سمارٽ اڪيڊمي ڀان سيد آباد ۾ فزڪس انسٽرڪٽر ۽ ايڊمن طور پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن. سمارٽ اڪيڊمي ڀان ۽ آسپاس جي شاگردن لاء پنهنجو پاڻ ملهائي رهي آهي. 2016ع کان هن مهل تائين ڪافي ڊاڪٽرس، انجنيئرس ۽ ٻين بي شمار شعبن ۾ شاگرد پيدا ڪيا آهن جيڪي پنهنجي تعليمي جدوجهد ۾ روان دوان آهن. انهن مان ڪجھ نالا ضرور وٺبا جن ۾ ڊاڪٽر هاديہ ابرار، ڊاڪٽر ارم نثار، ڊاڪٽر آف فارميسي سونهن راڻي، سافٽ ويئر انجنيئر ياسر علي، ڪمپيوٽر انجنيئر عمران علي، محسن رضا، حسن رضا ۽ ٻيا شامل آهن
سائين جن جو والد محمد الياس خشڪ رٽائرڊ پوليس آفيسر آهي. سندن خاندان ۾ صرف والد ئي پڙهيل هئا ۽ تعليم دوست ۽ سخي مرد انسان ۽ مهمان نواز هئا. سائين جن ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ ٽيون نمبر آھن.
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي چيو تہ منهنجي خاندان ۾ تہ نہ پر بابا جي ويجھي دوست چاچا محمد خان خشڪ جو فرزند سائين ذوالفقار علي خشڪ جيڪو هاڻي سيڪريٽري فوڊ اينڊ سروسز آهن منهنجي لاء پهرين اتساهيدڙ شخصيت هئا جن کان انسپائر ٿيم ۽ ٻي شخصيت سائين رضا محمد خشڪ جنهن جو منهنجي زندگي کي سنوارڻ ۽ علم سان روشناس ڪرائڻ ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي. حقيقت ۾ اڄ جيڪا بہ منهنجي سڃاڻپ آهي اها سائين رضا محمد جي ڪري آهي. منهنجي بهترين استادن ۾ سائين رضا محمد، سائين غلام سرور چنہ، سائين محمد صديق سولنگي، سائين الهڏنو چنہ، سائين قربان علي ڀنڊ، سائين حاڪم علي لاشاري، سائين ارباب علي ۽ سائين عبدالرزاق رند آهن.
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان تعليم جي باري ۾ ڳالھائيندي چيو تہ سنڌ ۾ تعليمي نظام ۾ ڪافي سڌاري جي ضرورت آھي. خاص طور تي پريڪٽيڪل تعليم نصاب ۾ وضاحت سان گڏ عام زندگي ۾ انهن شين جا مثال بہ نصاب ۾ شامل ڪيا وڃن جنهن سان شاگرد کي ايتري تہ خبر پوي تہ جيڪو پڙهون ٿا ان جي عام زندگي ۾ ڪيتري اهميت آهي. منهنجي نظر ۾ قومي مرڪزي نصاب هجڻ گهرجي جنهن سان پاڪستان ۾ موجود سڀني شاگردن کي پنهنجي صلاحيت ڏيکارڻ جو موقعو فراهم ڪجي. ڪاپي ڪلچر سميت بورڊ مان پيسا ڏئي مارڪس / گريڊنگ سسٽم ختم ڪيو وڃي. جيڪو کيڙي سو کائي جي طرز تي تعليمي صلاحيت تي ميرٽ ڪيو وڃي. تعليمي پاليسي کي سينٽرلائيزڊ ڪيو وڃي ۽ ا ستادن کي ٽريننگس سان گڏوگڏ اهي سامان تہ مهيا ڪيا وڃن جن جو ٽريننگ وقت ذڪر ڪيو ويندو آهي. اسان جا استاد بهترين آهن صرف ضرورت آهي انهن کي سهولت سان گڏ تربيت جي.
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو: "منهنجو پيغام اهو آهي تہ پنهنجي ذات سان سچا رهو پاڻ کي سڃاڻو ۽ علم سان گڏ ادب کي وڌيڪ اهميت ڏيو ڇو ته با ادب با نصيب بي ادب بد نصيب."
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي.

Comments
Post a Comment