Profile # 153 Muhammad Essa Soomro (PST - GBELS Khuda Ji Basti) محمد عيسي سومرو

 

محترم جناب سائين محمد عيسيٰ سومرو صاحب جو جنم پھرين مارچ 1972ع تي ضلعو دادو جي ڳوٺ سيتا ننڍي، تعلقو دادو ۾ ٿيو. پاڻ پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول سيتا ننڍي مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪيائون. مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ لاءِ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول سيتا وليج ويا جنهن جو امتحاني سينٽر گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول سيتا روڊ ھو. انٽر جي تعليم لاء گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج، خيرپور ناٿن شاھ ۾ داخلا ورتائون. ان کانپوء استاد بخاري گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج، دادو مان بي اي ۽ اسلامڪ ڪلچر ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائون. سنڌ زرعي يونيورسٽي، ٽنڊو ڄام مان بي ايڊ جي پروفيشنل ڊگري فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪيائون.

سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 17 نومبر 1990ع تي پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ۽ سندن تقرري گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول جعفر چانڊيو ۾ ٿي. سائين جن ڪجھ عرصو گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول سيتا ننڍي ۾ رھيا ۽ سندن 2003ع ۾ بدلي گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول بھار ڪالوني ۾ ٿي. سندن 2006ع ۾ بدلي گورنمنٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول خدا جي بستي ۾ ٿي جتي 2012ع کان انچارج ھيڊ ماستر رھيا ۽ 2017ع ۾ ھيڊ ماستر جي چارج آء بي اي سکر ذريعي مقرر ڪيل سائين نصرالله بروھي حوالي ڪيائون. سائين جن استادن جي تنظيم پ ٽ الف ۾ تعلقو ڪوٽڙي جا ڊپٽي جنرل سيڪريٽري بہ رھيا آهن. ان کان علاوھ ڳوٺ سڌار سنگت ۾ پڻ سرگرم ڪارڪن رھيا ۽ سماجي ڪمن ۾ بہ گڏ ھوندا آهن. ملازمت کانپوء باقي وقت پنهنجو ڪاروبار سنڀاليندا آهن. سندن پسنديدھ شخصيت ماء ۽ پيء آھن.

سائين جن جو والد حاجي مير محمد سومرو زميندار ھو. سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ آخري نمبر آهن. سندن ٻيا ڀائر ڪاروبار ڪندا آهن. سندن ھڪ فرزند مھراڻ يونيورسٽي مان سول انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي ۽ ٻيو فرزند وڪالت جي تعليم حاصل ڪري رھيو آهي.

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو "تعليم حاصل ڪريو. تعليم جو مقصد صرف نوڪري حاصل ڪرڻ نہ آهي. تعليم انسان کي سنواري ٿي ۽ ھڪ سٺو شھري بڻائي ٿي."

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي.

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل