Profile # 157 Nisar Ahmed Khokhar (PST - GBPS Bambha) نثار احمد کوکر

 

Profile # 157

سنڌ سڳوري جي مشھور مذھبي ديندار گھراڻي ۽ فقيراڻي خاندان سان تعلق رکندڙ محترم جناب سر نثار احمد کوکر صاحب چوڏھن جون 1988ع بمطابق ٽئين ربيع الاول جمع جي ڏينھن شام جو 05:00 بجہ سنڌ جي تاريخي ڳوٺ بلاولپور نزد ٽلٽي تعلقه سيوھڻ شريف ضلعو ڄامشورو جي ھڪ مشھور و معروف بزرگ ھستي ديني عالم باعمل مفتي اعظم حافظ القرآن خليفه مخدوم الحاج سائين محمد موسيٰ کوکر رحمه الله عليه جي پوٽي سائين محمد صالح کوکر جي گھر ۾ جنم ورتو. مخدوم صاحب پنھنجي دور جا قاضي ھئڻ ڪري شرعي فيصلا ڪندا ھئا ۽ زميندار پڻ ھئا، سندن مدرسي ۾ ھزارين طالب ديني ۽ دنيوي علم پرائيندا ھئا، سندن جا مشھور شرعي ڪتاب "فتويٰ فقه" ۽ "بياد موسوي" ھن وقت مدرسن ۾ پڙھايا ويندا آھن. سائين نثار احمد کوکر ابتدائي پرائمري تعليم گورنمنٽ بوائز مين پرائمري اسڪول ڀان سيدآباد مان 1998ع ۾ پاس ڪيائين. مئٽرڪ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڀان سيدآباد مان 2003ع ۾ حاصل ڪئي. انٽرمئڊيئٽ گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ڀان سيدآباد مان 2005ع ۾ پرايائين. گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج سيوھڻ شريف مان 2007ع ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڀان سيدآباد مان 2022ع ۾ سنڌي ۾ ماسٽرس جي ڊگري ماڻيائين. سندن جا بھترين استادان گرامي حضرت سائين قبله قاري محمد خدابخش عباسي(ر.ح) نوشھروفيروز، سائين الھ رکيو شورو ڀان سيدآباد، سائين نصير احمد پنھور صاحب دادو، سائين محمد ھارون جلباڻي صاحب ڀان سيدآباد، سر عبدالرزاق لنڊ صاحب جوھي وارا ھئا.

زندگي دوران مختلف شعبن ۾ ڪيل خدمتن جو مختصر ذڪر ھيٺ ڪجي ٿو.

1) جوھي ڀرسان ڇنڊڻ موري وٽ "بي ايڇ پي آئل ڪمپني" جي پروگرام آر ڊي او گرافي ۾ پرائيوٽ جاب 2010ع ۾ ڪيائين.

2) سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن گورنمنٽ آف سنڌ جي پروگرام ۾ مڊل اسڪول ٻڌڙ ٻٻريون ۾ 2012ع کان 2015ع تائين ھيڊ ماستر رھيا.

3) سنڌ پبلڪ اسڪول ڀان سيدآباد ۾ 2015ع کان 2017ع تائين پرنسپال رھيا.

4) نيشنل پيس ڪاميٽي فار انٽرفيٿ ھارمني ۾ يونين ڪائونسل ڀان سيدآباد جا 2016ع ۾ جنرل سيڪريٽري رھيا.

5) سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن گورنمنٽ آف سنڌ جي پروگرام ۾ فائونڊيشن پبلڪ اسڪولس سيوھڻ شريف جا 2017ع کان 2023ع تائين سپروائيزر/فوڪل پرسن آف اسڪول آپريٽر رھيا.

6) سنڌ گورنمنٽ جي طرفان آء بي اي اداري جي ذريعي ٽيچرس مقرر ڪيا ويا, ٽئين فيز دوران 2023ع ۾ سندن جي پي ايس ٽي جي تقرري گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ٻنڀا ڳوٺ شھيد شجاع احمد راھپوٽه ۾ ٿئي ۽ پاڻ پنھنجا فرائض سر انجام ڏئي رھيا آھن. سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن گورنمنٽ آف سنڌ جي پروگرامن دوران پاڻ ڪافي ٽريننگز ڪيائون جن ۾ ٽيچرس، ھيڊ ٽيچرس ۽ اسڪول آپريٽر جون ٽرينگس شامل آھن.

سائين نثار احمد کوکر صاحب جي زندگي ۾ ھڪ وڏو حادثو:

سائين وارا پاڻ ۾ چار ڀائر ۽ پنج ڀينرون آھن، 12 آگسٽ 2012ع سندن جا ٻه ننڍا ڀائر جيڪي حافظ القرآن ۽ پڻ مئٽرڪ جا شاگرد ھئا، اھي عيدالفطر بعد ملاڪاتيار ويجھو درياھ سنڌ ۾ ٻڏي شھيد ٿي ويا ھئا، اھو سندن جي زندگي ۾ وڏو سانحو ھيو.

سائين نثار احمد کوکر صاحب جي زندگي جي ھڪ اھم ڪاميابي:

 سنڌ جي وزير اعليٰ محترم جناب سائين سيد مراد علي شاھ صاحب، قابل احترام محترم جناب ايم اين اي سردار سڪندر علي راھپوٽه صاحب، قابل عزت مآب محترم جناب رئيس شجاع احمد راھپوٽه صاحب ۽ محسن و مھربان محترم جناب سر پانڌي خان ٽالپر صاحب ڊي اي او پرائمري ڊسٽرڪٽ ڄامشورو جي توسل ساڻ تعلقه سيوھڻ شريف جي پي ايس ٽي ڪينڊيڊيٽس لاء 210 سيٽن جي ايس اين اي ڪرائڻ لاء محترم جناب برادرم سائين حافظ فرحان احمد ميمڻ صاحب ۽ سائين نثار احمد کوکر صاحب جن مسلسل ڪاوشون ۽ ڪوششون ڪيون. الحمدالله 2 فيبروري 2023ع تي فنانس ڊپارٽمينٽ مان ايس اين اي اپروول ٿئي وئي ۽ 40 پاس مارڪن تي ويٽننگ 160 ڪينڊيڊيٽس کي پي ايس ٽي جا آرڊر سيد عبدالله شاھ انسٽيوٽ سيوھڻ شريف ۾ 25 مئي 2023ع تي مليا ۽ 50 سيٽون رميننگ ۾ رھجي ويون.

سائين نثار احمد کوکر صاحب جو علم حاصل ڪرڻ جي باري ۾ چوڻ آھي ته علم پرائڻ لاء ڪافي حديثن مبارڪن ۾ ذڪر ٿيل آھي ۽ دنيا جي ڏاھن سياڻن دانشورن صوفي شاعرن علم پروڙڻ سان گڏ ادب جو گھڻو تاڪيد ڪيو آھي ڇو ته سنڌي ۾ مشھور آھي "باادب بانصيب".

سائين نثار احمد کوکر صاحب آخر ۾ "سنڌ ايجوڪيٽرز جي دوستن" کي سلام ۽ خراج تحسين پيش ڪندي ۽ سندن جي خدمتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته اوھان جي ٽيم سنڌ جي تعليم جي ترقي ۽ واڌاري لاء مسلسل ڪاوشون ڪري رھي ۽ انھي اميد ساڻ جيڪو اوھان نعرو ھنيو آھي ته "پڙھندي سنڌ ته وڌندي سنڌ" انشاءالله ھڪ ڏينھن اوھان جو خواب ساڀيان ٿيندو ۽ سنڌ جا نوجوان پنھنجين ڪاميابين طرف گامزن ٿيندا ۽ منزل مقصود تي رسندا (آمين).

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي.

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل