Profile # 152 Dil Nawaz Memon (HST - GBHS Campus Khursheed Colony) دلنواز ميمڻ
محترم جناب سائين دلنواز ميمڻ صاحب جو جنم پھرين مارچ 1964ع تي ضلعو ڄامشورو جي شھر لاکا، تعلقو مانجھند ۾ ٿيو. سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول لاکا مان حاصل ڪئي جتي سندن سائين محمد اسمٰعيل ميمڻ ۽ سائين عبدالواحد ميمڻ جھڙا استاد نصيب ٿيا. ڇھين کان نائين درجي تائين گورنمنٽ بوائز مڊل اسڪول لاکا ۾ سندن شفيق استاد سائين محمود ٻجورو، سائين الھڏنو ميمڻ ۽ سائين سڪندر علي سومرو ھئا جڏھن تہ 1980ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول سن مان پاس ڪيائون جتي سائين گيانچند، سائين بچل شاھ ۽ سائين الھبچايو سومرو سندن بھترين استاد رھيا. سندن مئٽرڪ جي تعليم تي تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي طور 22 آگسٽ 1982ع تي گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول شاھ اويس قرني ۾ مقرر ڪيو ويو جيڪو اسڪول سنڌ جي عظيم بزرگ شاھ اويس قرني جي نالي سان آهي. 84-1983ع ۾ گورنمنٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن دادو مان پي ٽي سي ۽ 1984ع ۾ استاد بخاري گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج، دادو مان انٽر جو امتحان پاس ڪيائون. علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي مان 1994ع ۾ بي ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪيائون. 1997ع ۾ گورنمنٽ سچل سرمست آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج تلڪ چاڙھي حيدرآباد مان اسلامڪ ڪلچر ۾ ماسٽرس جي ڊگري پڻ حاصل ڪيائون. ان کان علاوھ ڪمپيوٽر جو ڪورس ۽ ٽي ٽي سي ڪوٽڙي مان اليڪٽريشن جو ڪورس بہ ڪيائون. بحيثيت پرائمري استاد تعلقو مانجھند جي جن اسڪولن ۾ ملازمت جا فرض نڀايائون تن ۾ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول مانجھند، گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول لاکا جتان پاڻ پنج درجا پاس ڪيا ھئا، گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول شاھ اڀريو، گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول اميد علي برھماڻي، گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول احمد خان خاصخيلي ۽ ڪوٽڙي تعلقو جي اسڪولن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ٽي بي سينيٽوريم، گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ٽيليگراف ورڪشاپ ڪالوني، گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ليبر اسڪوائر، گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول خورشيد ڪالوني ۽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول خانزادھ ڪالوني شامل آهن. 30 مئي 2009ع تي ايڇ ايس ٽي ۾ ترقي ماڻيائون ۽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول لاکا ۾ مقرر ٿيا جتان نائين درجي تائين پڙھيا ھئا. 2011ع ۾ سندن بدلي گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول خورشيد ڪالوني ڪوٽڙي ۾ ٿي جتي سائين جن ڪافي عرصو ايف اي طور خدمتون سر انجام ڏنيون. سائين جن انگريزي، رياضي، سائنس، اسلاميات ۽ سنڌي جا مضمون پڙھايا آهن ۽ ستين ۽ اٺين درجي جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن. سائين جن پنهنجي عھدي تان 31 جولاء 2023ع تي رٽائرمينٽ ورتي.
سماجي ڪمن ۾ سائين جن آء آر سي دادو آڪسفيم ۽ ڪجھ ٻين تنظيمن ۾ ڪم ڪيو. ينگ ويلفيئر ايسوسيئيشن لاکا جا صدر رھيا. ننڍپڻ ۾ ٻارن جي محفل ۾ سيد زوار نقوي سان گڏ ڪم ڪيو. ڪوٽڙي ۾ سچل سرمست ڪالوني ويلفيئر ايسوسيئيشن جا نائب صدر ۽ سچل ويلفيئر ايسوسيئيشن ۾ بحيثيت آرگنائيزر رھيا. پرائمري جي استادن جي تنظيم پ ٽ الف ۽ مدرسن جي تنظيم جمعيت مدرسين ۾ پڻ عھديدار رھيا. سيڪنڊري استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جي يونٽ خورشيد ڪالوني ۾ پڻ سينئر نائب صدر رھيا آهن. سائين جن چاليھ سالن کان مٿي تعليم کاتي جي خدمت ڪئي. سندن ھزارين شاگرد آهن جن مان ڪيترائي پاڪ فوج ۽ سول ادارن خاص ڪري تعليم ۽ صحت جي کاتن ۾ ملازمت ڪري ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري رھيا آهن.
سائين جن جو والد محمد يوسف ميمڻ ضلعو ڪائونسل دادو ۾ ملازم ھو. سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ سڀ کان وڏا آهن. سندن ھڪ ڀاء شاھنواز ميمڻ پي ايس ٽي آهي. ھڪ ڀاء ھوٽل ھلائيندو آهي ۽ ٻيو ڀاء دڪاندار آهي. سندن اولاد ۾ پنج فرزند ۽ ٻہ نياڻيون آهن. سندن وڏو فرزند ياسر نواز ميمڻ تعلقہ اسپتال ڪوٽڙي ۾ ڊسپينسر آهي. ٻيو فرزند بي اي پاس آهي ۽ باقي ٽي فرزند زير تعليم آهن.
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو "والدين پنهنجي اولاد کي تعليم جي زيور سان سنوارين. ان سان گڏوگڏ ھنر پڻ سيکارين. مذھبي تعليم پڻ ڏيارين جو تعليم کان بغير انسان اڌورو آهي. علم انسان جي ٽين اک آهي. علم حاصل ڪريو ۽ سخت محنت ڪري پنهنجي منزل ماڻيو. والدين ۽ استادن جو احترام ڪريو. سماجي ڪمن ۾ دلچسپي وٺو. ڪنهن جي به ڪم اچي سگھو ٿا تہ ڪم اچو."
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي.

Comments
Post a Comment