Profile # 157 Nisar Ahmed Khokhar (PST - GBPS Bambha) نثار احمد کوکر
Profile # 157 سنڌ سڳوري جي مشھور مذھبي ديندار گھراڻي ۽ فقيراڻي خاندان سان تعلق رکندڙ محترم جناب سر نثار احمد کوکر صاحب چوڏھن جون 1988ع بمطابق ٽئين ربيع الاول جمع جي ڏينھن شام جو 05:00 بجہ سنڌ جي تاريخي ڳوٺ بلاولپور نزد ٽلٽي تعلقه سيوھڻ شريف ضلعو ڄامشورو جي ھڪ مشھور و معروف بزرگ ھستي ديني عالم باعمل مفتي اعظم حافظ القرآن خليفه مخدوم الحاج سائين محمد موسيٰ کوکر رحمه الله عليه جي پوٽي سائين محمد صالح کوکر جي گھر ۾ جنم ورتو. مخدوم صاحب پنھنجي دور جا قاضي ھئڻ ڪري شرعي فيصلا ڪندا ھئا ۽ زميندار پڻ ھئا، سندن مدرسي ۾ ھزارين طالب ديني ۽ دنيوي علم پرائيندا ھئا، سندن جا مشھور شرعي ڪتاب "فتويٰ فقه" ۽ "بياد موسوي" ھن وقت مدرسن ۾ پڙھايا ويندا آھن. سائين نثار احمد کوکر ابتدائي پرائمري تعليم گورنمنٽ بوائز مين پرائمري اسڪول ڀان سيدآباد مان 1998ع ۾ پاس ڪيائين. مئٽرڪ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڀان سيدآباد مان 2003ع ۾ حاصل ڪئي. انٽرمئڊيئٽ گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ڀان سيدآباد مان 2005ع ۾ پرايائين. گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج سيوھڻ شريف مان 2007ع ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. گورنمنٽ بوائز ڊ...