Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ
محترم جناب سائين اڪبر احمد چنہ صاحب 28 فيبروري 1974ع تي ضلعو دادو جي ڳوٺ ٻورڙي ، تعلقو خيرپور ناٿن شاھ ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو ڏاڏو حاجي دوست محمد چنہ صاحب تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي ھو ۽ دين سان وابسطگي ھجڻ ڪري پنهنجي اولاد جي سٺي تربيت ۽ تعليم جو بندوبست ڪيو - پاڻ تمام گهڻا سخي مرد ھئا ، ڳوٺ ۾ هڪ مسجد تعمير ڪرائي ـ سائين جن جو والد حاجي محمد احسن چنہ صاحب تعليم کاتي مان ھيڊ ماستر رٽائر ٿيو ، سندن والد گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڪوٽڙيءَ ۾ ڏھ سال هيڊ ماستر رهيا ۽ تعليم لاءِ تمام گھڻيون ڪوششون ورتيون ـ سائين جن پرائمري ۾ چوٿين ڪلاس تائين پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، شھيد محمد عثمان ٻگھيو ، ٻورڙي مان تعليم حاصل ڪئي ۽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، سنڌي مين 2 ، ڪوٽڙي مان پنجون پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڪوٽڙي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن علي بابا گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، ڪوٽڙي مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان رياضي ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ ايم اي سياسيات بہ ڪئي آهي ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس (اولڊ ڪيمپس) ، حيدرآباد مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي آهي ـ ان کان علاوھ سائين جن ڪمپيوٽر ۾ ڊپلومہ پڻ ڪيو آهي ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي اسڪول لائف جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو تہ اٺين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران پنهنجي ڪلاس فيلو ڊاڪٽر حاجي خان کونھارو ، جنهن جي ھينئر صدر ڪينٽ ، حيدرآباد ۾ ڪلينڪ آهي ، سان مقابلو ھوندو ھو ـ اھو مقابلو ڪڏھن مان کٽيندو ھوس تہ ڪڏهن وري حاجي خان کٽيندو ھو ـ ان وقت اسان جو ڪلاس ٽيچر سائين محمد الياس پنھور ھو ، جيڪو کٽڻ واري کي انعام پڻ ڏيندو ھو ـ سائين جن کي اٺين ڪلاس ۾ بھترين تقرير ڪرڻ تي شاھ عبداللطيف جو روضو مبارڪ انعام ۾ مليو ـ سائين جن ڪاليج لائف ۾ ڪرڪيٽ جا بھترين کلاڙي رھيا آهن ـ
سائين جن کي 1 آگسٽ 1995ع ۾ تعليم کاتي ۾ جي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڪوٽڙي ۾ ٿي ، جتان سائين جن مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ھو ـ سائين جن جو 2007ع ۾ ايڇ ايس ٽي ۾ پروموشن ٿيو ۽ سندن پوسٽنگ گورنمنٽ ڪلري ھاء اسڪول ، سن ، تعلقو مانجھند ۾ ٿي ـ ڪجھ عرصي کانپوء سائين جن جو ٽرانسفر گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڪوٽڙي ۾ ٿيو ـ سائين جن انگريزي ، رياضي ۽ اسلاميات جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ۽ ڪلاس اٺين جا ڪلاس ٽيچر ۽ ڪلاس ڏھين جا 15 ، 16 سالن کان ڪلاس ٽيچر جا فرض نڀائي رھيا آهن ـ سائين جن 2022ع کان گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڪوٽڙي جا ڊپٽي ھيڊ ماستر جا فرض تمام سھڻي نموني سان نڀائي رھيا آهن ـ
سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جا سرگرم ڪارڪن ۽ عھدن تي رھيا آهن ، جن ۾ 2015ع کان 2018ع تائين ، 2018ع کان 2021ع تائين ۽ 2022ع کان ھن وقت بہ يونٽ صدر جا فرض نڀائي رھيا آهن ـ سائين جن سوشل ورڪر جي حيثيت سان بہ مشھور آهن ـ
سائين جن تعليم کاتي ۾ مختلف ٽريننگز ڪيون آهن ۽ رياضي جي مختلف ٽريننگز ۾ ماسٽر ٽرينر پڻ رھيا آهن ـ سائين جن کي مختلف ٽريننگز ۾ کوڙ دفعا سرٽيفڪيٽ پڻ مليا آهن ـ سائين جن عام ۽ بلدياتي چونڊن ۾ پولنگ آفيسر ، اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ پرزائيڊنگ آفيسر جون ذميواريون تمام سھڻي نموني سان نڀايون آھن ـ
سائين جن جي پسنديدھ شخصيت علامہ آء آء قاضي آھي ـ سائين جن جي بھترين استادن ۾ سندن والد سائين حاجي محمد احسن چنہ ۽ سائين منظور احمد پنھور آھن ـ سائين جن جي بھترين دوستن ۾ ڊاڪٽر حاجي خان کونھارو ، ڪريم بخش سومرو (اي ڊي او سيڪنڊري ، ڄامشورو) ، فيض محمد شورو (اي ڊي او ، ايڪسائيز) ، جاويد سلطان پنھور ، ڊاڪٽر فراز ميمڻ ، ھاشم پالاري ۽ ٻيا ڪيترائي دوست شامل آهن ـ
سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٽيون نمبر آهن ـ سائين جن جو وڏو ڀاء ڊاڪٽر ذوالفقار چنہ بلاول ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ، ڪوٽڙي ۾ آر ايم او آهي ـ سائين جن جو ٻيو ڀاء محمد اقبال چنہ واپڊا پاور ھائوس ، ڄامشورو ۾ سب انجنيئر آهي ـ سائين جن جو ٽيون ڀاء ڊاڪٽر محمد فياض چنہ اسلاميات ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي ۽ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو جي آرٽس فيڪلٽي ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر آهي ـ سائين جن جو چوٿون ڀاء عرفان علي چنہ بلاول ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ، ڪوٽڙي ۾ ميل نرسنگ انچارج آھي ـ سائين جن جو پنجون ڀاء شاھجھان چنہ اسسٽنٽ مختيارڪار ، قاسم آباد آهي ـ سائين جن جو ڇھون ڀاء ايڊووڪيٽ محسن علي چنہ آھي ـ سائين جن جو فرزند ذاڪر اڪبر چنہ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو آهي ۽ قرآن پاڪ جو حافظ بہ آهي ـ
سائين جن تعليم جي باري ۾ سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ ٻار جي لاء پرائمري جي تعليم تمام ضروري آهي ـ پرائمري جي تعليم سٺي نہ ھوندي تہ ٻار اڳتي نہ وڌي سگھندو ـ پرائمري جي تعليم ٻار جو بنياد آهي ، جيئن ڪنھن بلڊنگ جي مضبوطي جي لاء ان جو بنياد مضبوط ھجڻ ضروري آهي ، ائين ئي تعليم لاء ٻار جي پرائمري جي تعليم آهي ـ ان سان گڏ تعليم پنهنجي مادري ٻولي ۾ ڏني وڃي ، جيڪا پرائيويٽ اسڪولن ۾ نٿي ڏني وڃي ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " وڏن جي عزت ڪريو ـ استادن جي عزت ڪريو ـ وقت جو قدر ڪريو - وڌ کان وڌ تعليم تي ڌيان ڏيو ۽ موبائل فون کان پاسو ڪريو ـ موبائل فون ٻار جو صرف ڪردار ۽ تعليم تباھ نٿي ڪري ، بلڪہ ٻار جو سڄو مستقبل تباھ ڪري ٿي ڇڏي ـ"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment