Profile # 84 Khuda Dost Siddiqui (HM - GBHS Ali Murad Barejo) خدا دوست صديقي

 

محترم جناب سائين قاضي خدا دوست پاٽائي صديقي صاحب جو جنم 22 نومبر 1973ع تي ضلعو دادو جي ڳوٺ پاٽ شريف ، تعلقو دادو ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول قاضي احمدي صديقي ، پاٽ شريف مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول علامه آء آء قاضي ، پاٽ شريف مان اٺ درجا پاس ڪيا ـ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڪوٽڙي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ علي بابا گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڪوٽڙي مان انٽر جو امتحان پري انجنيئرنگ ۾ پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بي اي ۽ اقتصاديات ۾ ماسٽرس کان علاوه ڪامرس کاتي مان بينڪنگ ۾ ڊپلوما جو ڪورس پڻ ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس (اولڊ ڪيمپس) حيدرآباد مان بي ايڊ ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان ايم ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي ـ

سائين جن اسٽوڊنٽ لائيف ۾ ڇولا به کپايا ۽ سپر ھاء وي تي ڪلرنگ جو ڪم پڻ ڪيو سائيٽ ايريا ، ڪوٽڙي جي فيڪٽرين نيشنل ڊٽرجنٽ (برائيٽ) فيڪٽري ۾ مزدور طور ۽ اٽلس ڪيبل فيڪٽري ۾ ڊاء پالشر طور پڻ ڪم ڪيو ـ سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 26 فيبروري 1992ع تي جي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڪوٽڙي ۾ ٿي جتان سائين جن مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ھو ـ ان وقت ۾ مرزا شاھجھان بيگ اسڪول جو ھيڊ ماستر ھو ـ سائين جن ڇھين درجي جي انگريزي ۽ رياضي پڙھائڻ سان پنھنجي ٽيچنگ ڪيريئر جو آغاز ڪرڻ کانپوء ڇھين ، ستين ۽ اٺين درجي جي ابتدائي سائنس ، بايولاجي ۽ ڪيمسٽري شوق سان پڙھائي ـ جڏھن 1999ع ۾ ڊائريڪٽر سيڪنڊري حيدرآباد ريجن نظام الدين ميمڻ اسڪول جي سالياني انسپيڪشن ورتي ته سائين جن کي ڏھين سي ڪلاس ۾ ڪيمسٽري پڙھائڻ تي سڄي اسڪول ۾ پھرين پوزيشن ڏيندي سڀني استادن اڳيان مان ڏنو ۽ بيسٽ ٽيچر جو ايوارڊ ڏنو ـ سندن 17 اپريل 2007ع تي ايڇ ايس ٽي طور ترقي ملي ۽ سندن پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول مانجھند ۾ ٿي ـ سائين جن بطور ايڇ ايس ٽي جن اسڪولز ۾ ملازمت جو فرض نڀايو تن ۾ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول الھبچايو شورو ڪوٽڙي ، گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڪوٽڙي ، گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ٿاڻو احمد خان ۽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ليبر اسڪوائر ڪوٽڙي شامل آهن ـ سائين جن اٺاويھ سال ڪلاس ٽيچر رھيا ـ سندن 9 نومبر 2021ع تي گزيٽيڊ آفيسر طور ترقي ملي ۽ سندن پوسٽنگ ڊي اي او پرائمري ڄامشورو ۾ بطور اي اي او ٿي ـ سندن 27 اپريل 2023ع تي بدلي بطور ھيڊ ماستر گورنمنٽ ڪيمپس بوائز ھاء اسڪول علي مراد باريجو تعلقو ٿاڻو بولا خان ۾ ٿي ـ سائين جن اسڪول جي اسيمبلي ۾ مختلف مقابلا ڪرائيندا آهن ۽ کٽڻ وارن کي انعام ڏيندا آهن ـ

سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ ۾ تعلقو ڪوٽڙي جو نائب صدر يونٽ صدر ۽ ضلعو ڄامشورو جو پريس سيڪريٽري رھيو آھي ـ سائين جن سماجي تنظيم سنڌي ٻالڪ سنگت ۾ جنرل سيڪريٽري رھيو ۽ ھڪ اين جي او ۾ سوشل موبلائيزر رھيو ـ

سائين جن تعليم کاتي ۾ ليو ودائوٽ پي تي آغا خان بورڊ ۾ بطور ايل ايم او دادو ارڙھن مھينا ڪم ڪيو جتي سنڌ جي يارنھن ضلعن مان پھرين نمبر تي رھيا ـ ان تي بورڊ جي چيئر پرسن ميڊم ڪريما ڪارا سندن مڃتا ۾ بيسٽ پرفارمنس ايوارڊ سان نوازيو ـ سائين جن فارغ وقت ۾ آغا خان بورڊ ۾ پرائيويٽ ٽرانسليٽر طور ڪم ڪري رھيا آهن ۽ اسيسمينٽ ورڪ ڪندا آهن ـ

سائين جن اسٽوڊنٽ لائيف ۾ اسٽيج پرفارمنس جي مقابلن جھڙوڪ تقرير ڳائڻ وغيرھ ۾ ھميشه پوزيشن تي رھيا ـ يونيورسٽي ۾ تعليم دوران سي آر رھيا ـ راندين ۾ ڪرڪيٽ ، ھاڪي ۽ فٽ بال جا بھترين کلاڙي رھيا ـ سندن اڪثر شاگرد خاص طور تي امتياز علي ڪلھوڙو ۽ مدد علي ڪلھوڙو سندن شخصيت مان متاثر ٿي سندن جھڙو ٿيڻ چاھيندا ھئا ـ سندن شاگردن سان رويو شفقت وارو رھيو ـ پڙھائڻ ۾ شاگردن کي مصروف رکي شاگردن کان ڪم ورتائون ـ سندن سوين شاگرد مختلف کاتن جھڙوڪ تعليم ، صحت ، پاڪستان آرمي وغيرھ ۾ ملازمت ڪري رھيا آهن ـ

سائين جن جي پسنديدھ شخصيت سندن والد ۽ مرحوم ڀاء آھي ـ سندن بھترين استاد پرائمري اسڪول ۾ سائين غلام قادر ڪلھوڙو ۽ سائين محمد بخش ميمڻ مڊل اسڪول ۾ سائين عبداللطيف چنه ، سائين علي احمد چانڊيو ، سائين احمد علي شاھاڻي ، سائين روشن علي صديقي ، سائين عبداللطيف صديقي ، سائين فضل ڪريم صديقي (پرنسپال علي بابا گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڪوٽڙي) ، ھاء اسڪول ۾ سائين محمد الياس پنھور ، سائين بشير احمد آرائين ، سائين سيد صالح محمد شاھ (ڊپٽي ڊائريڪٽر ، بيورو آف ڪريڪيولم) ، سائين محمد ھاشم قريشي ، سائين منظور احمد پنھور ۽ سائين سيد سڪندر علي شاھ ، يونيورسٽي ۾ پروفيسر ظفر الله قريشي ، ميڊم سيدھ پروين شاھ ، ميڊم مرحب قاسمي ، ميڊم خالدھ جمالي ، ميڊم مراد خاتون پنھور ، پروفيسر عبدالرحمن صديقي ، پروفيسر شفيع محمد ميسو ۽ پروفيسر سر منظور الحق آرائين آهن ـ سندن بھترين دوست ڪيترائي آهن جن ۾ شڪيل احمد قريشي ، محمد قاسم قريشي ، امجد علي جوڻيجو ۽ غلام مرتضي چنه سان تمام گھڻي ويجھڙائپ آهي ـ

سائين جن جو ڏاڏو قاضي عبداللطيف صديقي عربي ۽ فارسي ٻولي جو عالم ھو ـ سندن والد قاضي امير علي صديقي پي ايس ٽي ھو ۽ انچارج ھيڊ ماستر طور رٽائرڊ ٿيو ـ سندن والد سنڌي ۽ فارسي ٻولي جو پارکو ھو ـ سندن والد کي مخدوم محمد زمان طالب المولي (ان وقت سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين ھو) سنڌي ادبي بورڊ ۾ سينئر پروف ريڊر طور رکيو جتي سندن والد مختلف ادبي توڙي مذھبي ڪتابن جي پروف ريڊنگ ڪئي ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ چوٿين نمبر تي آهن ـ سندن وڏو ڀاء مرحوم قاضي محمد ذاڪر صديقي ڊي اي او سيڪنڊري ڄامشورو ۾ سپرنٽينڊنٽ طور ملازمت دوران وفات ڪري ويو ـ ٻيو ڀاء قاضي شمس الدين صديقي پي ايس ٽي ھو ۽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول لمس ڪالوني ڄامشورو جو انچارج ھيڊ ماستر طور رٽائرڊ ٿيو ـ ٽيون ڀاء قاضي رفعت حسين صديقي ٽي ٽي سي مان سينئر انسٽرڪٽر طور رٽائرڊ ٿيو ـ چوٿون ننڍو ڀاء قاضي واجد علي صديقي گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڪوٽڙي ۾ اسسٽنٽ آهي ۽ ھڪ مشهور ڳائڻو پڻ آهي ـ

سائين جن تعليم جي باري ۾ سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ تعليم اصل ۾ تربيت کان شروع ٿئي ٿي ۽ تربيت جي پھرين جاء اھو گھر ھوندو آهي جتي ٻار پيدا ٿيندو آهي ـ ماء پيء کان جيڪا تربيت ٻار کي ملي ٿي اھا اڻ پوري ھوندي آهي ـ ان کي مڪمل ھڪ استاد بڻائي ٿو ـ ھڪ سٺي استاد جي جسماني بيھڪ ھڪ سٺي پيدا ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي ـ استاد کي پنهنجي شخصيت کي بھتر بڻائڻ لاء پاڻ کي حقيقي رنگ ۾ ارپڻو پوندو آهي ـ ھڪ بھتر استاد ھميشه سڀني ٻارن کي ڪلاس روم جي ماحول ۾ شامل رکندو آهي ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " شاگرد ھڪ سٺي اميد سان جيئي ته ايندڙ ڏينهن اڄوڪي ڏينهن کان بھتر ھوندو ـ ٻين کي بھتر زندگي گذارڻ جا موقعا فراھم ڪري ـ ھميشه پاڻ کان وڏن کي عزت ڏيو ۽ سينئرس کي پروموٽ ڪريو -"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل