Profile # 82 Muhammad Sharif Solangi (PST - GBPS Sindhi Main Kotri 2) محمد شريف سولنگي


محترم جناب سائين محمد شريف سولنگي صاحب جو جنم پھرين اپريل 1972ع تي ضلعو ڄامشورو جي شھر سيوھڻ شريف ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، سيوھڻ مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو بوائز ھاء اسڪول ، سيوھڻ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، سيوھڻ مان انٽر ۽ گريجوئيشن جا امتحان پاس ڪيا ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان اقتصاديات ۾ ماسٽرس ڪئي ـ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان بي ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي ـ

سائين جن سرڪاري ملازمت کان پھرين دڪاندار رھيا آهن ـ سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 5 نومبر 1990ع تي پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، ڀان سعيد آباد ۾ ٿي ـ سائين جن پنهنجي ملازمت جو عرصو جن اسڪولز ۾ گذاريو تن ۾ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ڪوٽ مدني ، ڀان سعيد آباد ، گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول وڏيرو عارف ميمڻ ، ڀان سعيد آباد ، گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ڀان شيخ ، ڀان سعيد آباد ، گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول سيوھڻ شريف ، گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول آراضي ، گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول بختيارپور ، گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول بچل چنه ، گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول سيوھڻ مسلم 2 ۽ ھن وقت گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول سنڌي مين ، ڪوٽڙي 2 ۾ تمام بھترين نموني فرض نڀائي رھيا آهن ـ سندن خدمتن جي مڃتا ۾ بھترين استاد جا سرٽيفڪيٽ مليا آهن ـ

سائين جن گورنمنٽ شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو بوائز ھاء اسڪول ، سيوھڻ جا 1986ع کان 1988ع تائين سپاف جا صدر رھيا آهن ـ سائين جن 1987ع ۾ جڏھن محترمه بينظير ڀٽو صاحبه سيوھڻ شريف ۾ حضرت لعل شھباز قلندر جي درگاھ تي زيارت ڪرڻ آئي ته سندن جيڪي چار ڄڻا سيڪيورٽي گارڊ ھئا تن ۾ سائين جن سان گڏ فدا حسين کوسو ، منظور علي سولنگي ۽ محمد ھاشم سولنگي مقرر ڪيا ويا ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، سيوھڻ جا 1988ع کان 1990ع تائين سپاف جا جنرل سيڪريٽري رھيا آهن ـ 1990ع کان 1992ع تائين سپاف جا تعلقو سيوھڻ جا سينئر نائب صدر رھيا آهن ـ 1992ع کان 1994ع تائين سپاف جا ضلعو دادو جا سينئر نائب صدر رھيا آهن ـ سائين جن سان جيڪي سينئر اڳواڻ گڏ ھوندا ھئا تن ۾ سيد عبد الله شاھ (اڳوڻو وزير اعليٰ سنڌ) ، پير مظھر الحق (اڳوڻو تعليم جو وزير) ، سيد حاجن شاھ لڪياري (سيوھڻ) ، لطيف قريشي (بختيار پور) ، ڪلثوم چانڊيو (دادو) ، رشيدھ پنھور (دادو) ۽ رخسانه ميمڻ (سيوھڻ) شامل آهن ـ

سائين جن جي پسنديدھ شخصيت اياز لطيف پليجو آھي ـ سائين جن جي بھترين استادن ۾ پرائمري ۾ سائين غلام حيدر خاصخيلي ۽ سائين اصغر علي شاھ ۽ سيڪنڊري ۾ سائين غلام حيدر سولنگي ، سائين حبيب الله ڏيٿو ، سائين عبدالمجيد ڏيٿو ، سائين غلام محمد سولنگي ۽ سائين محمد بخش ملاح آهن ـ سائين جن جي بھترين دوستن ۾ سيد الله بخش شاھ لڪياري ، محمد ھاشم سولنگي ، سيد شاھ حسين شاھ ، سيد منور علي شاھ ، منظور علي نائچ ، محمد جمن سولنگي ، غلام نبي ڀچو ، وڪيل خادم حسين سولنگي ، عرفان علي سولنگي ۽ سردار فاروق احمد سولنگي آهن ـ سائين جن راندين ۾ ڪرڪيٽ ۽ والي بال ۾ سينٽر جا رانديگر رھيا آهن ـ

سائين جن جو والد محمد عثمان سولنگي دڪاندار ھو ـ سائين جن ڀائرن ۾ سڀ کان ننڍو آهن ـ سندن وڏو ڀاء محمد انور سولنگي ويڪسينيٽر آهي ـ سندن سئوٽ ۽ ڀيڻيوو محمد نواز عرف ڏاڏو سولنگي ھڪ مشھور سوشل ورڪر ۽ زميندار  آهي ـ

سائين جن تعليم جي باري ۾ سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ سنڌ صوبي جي بجيٽ مان تعليم جو حصو وڌايو وڃي ۽ اسڪولن ۾ بنيادي سھولتون فراھم ڪيون وڃن ته سنڌ جي تعليم ضرور سڌرندي ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " محنت ڪريو ۽ پڙھو ـ سياسي پارٽين کان پاسو ڪريو ـ علم روشني آهي ـ علم ئي سڀ ڪجھ آهي ـ علم مان ئي ھدايت ملندي آهي ۽ مسقبل سڌرندو آهي -"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل