Profile # 80 Syed Mukhtiar Ali Shah (HST - GBHSS Bhan Syedabad) سيد مختيار علي شاھ
محترم جناب سائين سيد مختيار علي شاھ صاحب جو جنم 4 اپريل 1991ع تي ضلعو ڄامشورو جي ڳوٺ ٽلٽي ، تعلقو سيوھڻ شريف ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول علي آباد ، ٽلٽي مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ٽلٽي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، ڀان سعيد آباد مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان بي ايس سي ۽ رياضي ۾ ايم ايس سي جي تعليم حاصل ڪئي ـ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ، خيرپور ميرس مان رياضي ۾ ايم فل جي تعليم حاصل ڪئي ـ سنڌ يونيورسٽي مان 2017ع ۾ ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪئي ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو جي ايلسا قاضي ڪيمپس ، حيدرآباد مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جون پروفيشنل ڊگريون حاصل ڪيون ـ
سائين جن پنهنجي ڪيرئر جي شروعات 2011ع ۾ اقراء پبلڪ اسڪول ، ڀان سعيد آباد ۾ ٽيچنگ کان ڪئي ـ سائين جن 2016ع ۾ سمارٽ اڪيڊمي آف سائنسز ، ڀان سعيد آباد ۾ رياضي پڙھائڻ سان گڏ اي ڪيٽ ۽ آء بي اي اسڪولز ۾ ايڊميشن جي تياري ڪرائڻ شروع ڪئي ـ سائين جن تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ 20 نومبر 2019ع تي گورنمنٽ مڊل اسڪول ، ويھڙ شريف ۾ جي اي ايس ٽي طور ڀرتي ٿيا ـ سندن 20 اپريل 2023ع تي ايڇ ايس ٽي طور ترقي ملي ۽ سندن پوسٽنگ گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ، ڀان سعيد آباد ۾ ٿي ـ سائين جن اسڪول ۾ به رياضي پڙھائي آهي خاص ڪري نائين ڪلاس کان ٻارھين ڪلاس تائين ـ
سائين جن جون پسنديدھ شخصيتون حبيب جالب ، اڪبر بڳٽي ۽ عابدھ پروين آھن ـ سندن بھترين دوست منور علي جلباڻي خالد چنه ۽ سرفراز علي ميمڻ آهن ـ سندن ھوبي واڪ ڪرڻ آهي ـ
سائين جن جي والد جو نالو سيد پير محمد شاھ آهي ـ سندن پڙڏاڏو سيد مير محمد شاھ تخلص سيد گنبل شاھ جو سيد عثمان مروندي المعروف لعل شھباز قلندر سان سچو عشق ھو ۽ ان عشق ۾ سڄي سنڌ ۾ تبليغ ڪيائين ـ سائين جن ڀائرن ۾ چوٿون نمبر آهن ـ
سائين جن تعليم جي باري ۾ سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ ستين ڪلاس ۾ رياضي نه ايندي ھئي پر ڏھين ڪلاس جي رياضي جي استاد جي ڊپ ۾ رياضي سکي ته جيئن استاد نه ماري ـ ان استاد جي ڊپ ۾ ئي رياضي سکي ايم فل تائين پھتس ۽ اڄ اھا ئي رياضي روزگار جو ذريعو آهي ـ
سائين جن تعليم جي باري ۾ سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي تعليم جي باري ٻڌائيندي چيو تہ تعليم اھا ناھي جو توهان ڪنھن سبجيڪٽ جي باري ۾ ڄاڻو ٿا بلڪه تعليم اھا آهي جو ڪنهن جاھل کي توهان شعور واري زندگي ڏانهن ڇڪيو ـ تعليم ئي ته انسان کي ھڪ سٺو انسان بڻائڻ ۾ مدد ڪري ٿي ـ تعليم کي بھتر ڪرڻ سسٽم جو ڪم آهي پر ھر شيء سسٽم تي ڇڏي ڏيڻ صحيح ناھي ـ ھڪ مثال آهي ته جيڪڏهن پوري شھر ۾ گند ھوندو ته ان جو مطلب ناھي ته توهان پنهنجي گھر کي به گندو ڪري ڇڏيو ـ جيئن توهان پنهنجي گھر جي مالڪي ڪريو ٿا ايئن تعليم جي به مالڪي ڪريو ـ استاد جو پيشو صرف روزگار ناھي پر تمام ڏکيو پيشو آهي ـ ھي پيغمبري پيشو آهي ـ ھر استاد الله کي حاضر ناظر رکي تعليم ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ـ جيڪڏهن اڄ جو استاد ٻين جي ٻارن جي باري ۾ نٿو سوچي ته سڀاڻي پنهنجي اولاد جي نافرماني لاء تيار رھي ـ ٻارن کي سٺي تعليم ڏيو ـ اسڪالرشپ جا رستا ڏيکاريو ڇو ته سٺن اسڪولن تائين غريب جي ٻار جو پھچڻ جو رستو صرف اسڪالرشپ آهي جنهن ۾ مون مسلسل ٽي سالن کان آء بي اي پبلڪ اسڪول جي اسڪالرشپ جي لاء تقريباً ويھ شاگرد پاس ڪرايا آھن جن ۾ گھڻائي اھڙن شاگردن جي آهي جن وٽ ڊريس وٺڻ جا به پئسا نه آهن ـ اھي ھاڻي آء بي اي پبلڪ اسڪول جھڙي اداري ۾ پڙھن ٿا جن جي ٽي لک سالياني فيس آهي ۽ اھو سنڌ حڪومت ادا ڪري ٿي ـ يتيمن سان ھمدري ڪرڻ منهنجي زندگي جو حصو رھيو آهي ـ ٻارن کي موٽيويٽ ڪرڻ لاء انھن کي خواب ڏيکاريو ـ جڏھن خواب ڏسندا ته خواب پورو ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندا ـ ٻارن کي پڙھائڻ لاء اھا حڪمت عملي جوڙيو ته توھان ڪمزور شاگرد کي پڙھائڻ جي ڪوشش ڪريو ته توهان جو سڄو ڪلاس پڙھي پوندو ـ پنهنجن ٽيچنگ ميٿڊز کي سٺي طرح سان استعمال ڪريو ـ شاگرد سان اھڙو رويو رکو جھڙو توهان پنهنجي اولاد سان رکندا آھيو ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " مان ھميشه چوندو آھيان ته ھاري جو ٻار ھاڻي ھاري نه ٿيندو ـ جنهن جو ثبوت اھو آهي ته مون ويھ شاگرد آء بي اي پبلڪ اسڪول ۾ پھچايا آهن جيڪي ھارين جا ٻار ھئا ـ والدين اڪثر چوندا آهن ته مون ڏک ڏٺا پر منهنجو اولاد اھي ڏک نه ڏسي ـ ان جو حل صرف تعليم آهي ـ ھن وقت سرڪاري اسڪولن ۾ معياري استاد موجود آهن انھن تي اعتبار ڪريو ۽ پنهنجن ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ موڪليو -"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ
.png)
Comments
Post a Comment