Profile # 79 Atta Babar (PST - GBPS Ghousia Colony, Kotri) عطا ٻٻر
محترم جناب سائين عطا ٻٻر صاحب جو جنم 2 جولائي 1988ع تي ضلعو ڄامشورو جي شھر ڪوٽڙي جي ڀٽائي ڪالوني ۾ ٿيو ـ سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ پرائمري مسجد اسڪول ڳاڙھو گهوٽ ، ڪوٽڙي مان حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ بوائز ھاءِ اسڪول خورشيد ڪالوني ، ڪوٽڙي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ انٽر پبلڪ اسڪول ، حيدرآباد مان پاس ڪيو ـ بي ڪام ۽ ايم بي اي جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان حاصل ڪيون ـ سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس (اولڊ ڪيمپس) ، حيدرآباد مان بي ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي ـ
سائين جن سنڌ جي تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ سندن 13 نومبر 2014ع تي پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سندن اپائنٽمينٽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول غوثيہ ڪالوني ، ڪوٽڙي ۾ ٿي ـ سائين جن کي سبجيڪٽس ۾ سائنس ۽ رياضي پڙھائڻ ۾ مھارت حاصل آھي ـ
تنظيمي لحاظ کان سائين جن پ ٽ الف ۾ ھن وقت تعلقو ڪوٽڙي جا آفيس سيڪريٽري آھن ـ سائين جن تعليم کاتي طرفان مليل مختلف ذميوارين کي تمام بھترين نموني نڀايو آهي ـ اليڪشن ۾ اي پي او ، ووٽر ويريفڪيشن ۾ بطور ويريفائنگ آفيسر ۽ سپروائيزر ، آدمشماريءَ ۾ بطور سپروائيزر سميت سيسلوف پراجيڪٽ ۾ ٽرينر رھيا آھن ـ تعلقي سطح تي انسپيڪشن ٽيم جا ميمبر ۽ ضلعي سطح تي سائنس ۽ رياضي جا امتحاني پيپر پڻ ٺاھيا آھن ـ سائين جن کي پنجين درجي ۾ پھرين پوزيشن کڻڻ تي ايوارڊ مليو ـ پروفيشنل طور سندن ڪيترائي مڃتا سرٽيفڪيٽ مليا آھن ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي خانداني پس منظر ٻڌائيندي چيو ته " منھنجو ڏاڏو محمد دائود ٻٻر ھاري ھو جنھن جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي نئون ديرو جي ڳوٺ بھمڻ سان ھو ـ ڏاڏو ھاري ھجڻ سان گڏ نماز پڻ پڙھائيندو ھو ـ منھنجو ڏاڏو صوفي خيالن جو ھو ، سادگي پسند ھو ، پئسن ، ذاتي مال ملڪيت جي لالچ بنھ نہ ھئس ـ منهنجو والد مريد حسين ٻٻر ، ڳوٺ ۾ ٻني ٻاري جو ڪم ڪندو ھو ـ منهنجي والد غربت سبب ڪوٽڙي لڏپلاڻ ڪئي ـ پھريان مل ۾ مزدوري ڪئي ۽ پوءِ ڌوٻي جي ڪم کي ڌنڌي طور اپنايو ، ان ڪم ۾ محنت سبب پنھنجو ڪارخانو قائم ڪيائون ـ"
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي باري ۾ ٻڌائيندي چيو ته " مان گ پ م س ڳاڙھو گھوٽ مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪيم جتي سائين مرحوم عبدالرحيم مڱريو جي شفقت نصيب ٿي ـ ان کان پوءِ سائين سيف الدين سلمان بھترين استاد رھيا ـ پرائمري ۾ سدائين پوزيشن کنئي ـ ڇھين کان نائين درجي تائين گ ب ھ س خورشيد ڪالوني ۾ تعليم حاصل ڪيم جتي زندگيءَ کي نئون موڙ سائين نويد احمد ميمڻ ڏنو ـ سائين جي پڙھائڻ جو انداز ، شاگردن سان پيار ۽ شفقت جو انداز نرالو ھو جنھن جي ڪري ڪلاس ۾ پڙھائي سان دل لڳي وئي ـ مئٽرڪ ۾ بھترين استاد سائين محمد اسمٰعيل سومرو ، سائين قطب شاھ ۽ سائين اڪبر چنہ رھيا ـ ٻين استادن ۾ سائين شعبان وسطڙو ، سائين سيد عباس رضا عباسي ، سائين انيل ڪمار ڀاٽيا ، سائين منير سومرو ۽ سائين محمد ميمڻ آھن ـ بابا جو ڌوٻيءَ جو دڪان ھئڻ ڪري ننڍي ھوندي کان ئي ڪپڙا ڌوئڻ ۽ استري ڪرڻ ايندا آھن ـ ٻين ڪمن ۾ ڪمپيوٽر ھلائڻ ۽ اڪائونٽس ۾ مھارت حاصل آھي ـ ملازمت کان سواءِ ڪتاب پڙھڻ ، نيون شيون سکڻ پسند آهي ـ مان ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٻئين نمبر تي آھيان ـ مان خاندان جو پهريون فرد آھيان جنھن کي سرڪاري نوڪري ملي ـ منهنجو وڏو ڀاء رضا ٻٻر 2022ع ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪري تعليم کاتي ۾ جي اي ايس ٽي ڀرتي ٿيو آهي ـ"
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي تعليم جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو ته " شاگردن ۾ مثبت روين جي تبديلي تعليم آھي ـ تعليم جنھن ذريعي بري ڀلي ۾ تميز پيدا ڪري سماج لاءِ ڪارائتا شھري پيدا ڪجن جيڪي پنھجي سماج کي دنيا سان همڪنار ڪرڻ لاءِ تيار ھجن ـ تعليم کي بھتر ڪرڻ لاءِ اسڪولن جي حالت کي بھتر ڪرڻو پوندو ، ھر اسڪول ۾ گھربل ڪمرا ، مڪمل استاد ، لائبريري ، ليبارٽري ، کيڏڻ جو ميدان ۽ ٻيون شيون موجود ھجن ـ اسڪول شاگرد لاءِ ايڏو دلچسپ ھجي جو شاگرد گھر کان وڌيڪ اسڪول ۾ ھجڻ کي ترجيح ڏئي ـ استاد شاگرد جو سھولتڪار ھجي ـ مونکي شاگردن کي ننڍڙا ننڍڙا پروجيڪٽ ڏئي سيکارڻ پسند آهي ان لاءِ گھربل سامان نہ ھئڻ ڪري تڪليفن کي منھن ڏيڻو پوندو آهي پر ان لاءِ مان ناڪارھ شين کي ٻيھر استعمال ڪري شاگردن کي سيکارڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان ـ"
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو: " سڀ شاگرد ڊاڪٽر انجنيئر نہ ھوندا آھن پر انھن ۾ ڪيئي شاعر ، اديب ، ليکڪ ، سائنسدان ، واڍا ، رازا موجود ھوندا آھن ـ استاد جو فرض آھي تہ شاگرد جي دلچسپيءَ کي تلاش ڪري شاگرد کي پنھنجي پسند جي شعبي ۾ ماھر ٿيڻ ۾ مدد ڪري ۔ والدين کي گھرجي تہ ٻار تي بنا ڪنھن دٻاءُ جي کيس پنھجي مرضيءَ جو شعبو پسند ڪرڻ جو اختيار ڏين ـ"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment