Profile # 78 Shafiq-ur-Rehman Khaskheli (WI - GBHSS Thana Bula Khan) شفيق الرحمٰن خاصخيلي
محترم جناب سائين شفيق الرحمٰن خاصخيلي صاحب جو جنم 7 جون 1964ع تي ضلعو ڄامشورو جي شھر ٿاڻو بٌولا خان ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، ٿاڻو بولا خان نمبر ون مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ بوائز ھائر سيڪنڊري اسڪول ، ٿاڻو بولا خان مان 1980ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، لطيف آباد ، حيدرآباد مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ ڪاليج آف ٽيڪنالوجي ، حيدرآباد مان ڊي اي اي جو امتحان 1986ع ۾ پاس ڪيو ـ گورنمنٽ سچل سرمست آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج ، تِلڪ چاڙھي ، حيدرآباد مان بي اي ۽ ايم اي جون ڊگريون حاصل ڪيون ـ سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس (اولڊ ڪيمپس) ، حيدرآباد مان بي ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي ـ
سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 1983ع ۾ پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ۽ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، حافظ ابراھيم گگو ۾ ٿي ـ سائين جن نوڪري ڇڏي تعليم حاصل ڪرڻ حيدرآباد ويا ـ سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 1986ع ۾ جي ايس ٽي جو آرڊر مليو ۽ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز مڊل اسڪول ، سري ۾ ٿي ـ سائين جن 1990ع ۾ سازدا جوائن ڪئي ـ سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 1993ع ۾ ڊبليو آء جو آرڊر مليو ۽ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز ھائر سيڪنڊري اسڪول ، ٿاڻو بولا خان ۾ ٿي ـ سائين جن اسڪول ۾ تمام محنت ۽ لگن سان پڙھايو ـ ان وقت ۾ استادن جي تمام گھڻي کوٽ ھوندي ھئي ـ سائين جن لڳاتار ست ئي پيرڊ گڏ وٺندو ھو ـ سائين جن انگريزي ، فزڪس ۽ ابتدائي سائنس جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ـ سائين جن ڪيترين ئي ٽريننگز ۾ ماسٽر ٽرينر پڻ رھيا آهن ـ
سائين جن اسڪول جي سڄي رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو ۽ اسڪول ۾ ڪيترائي پروگرام منعقد ڪرائيندا رھيا جن ۾ شاگرد ڀرپور حصو وٺندا رھيا ـ سائين جن اسڪول کانپوء ٽيوشن پڙھائيندا ھئا جتي سوين ٻار سائين جن کان انگريزي سکندا ھئا ـ سائين جن اسڪول ليول تي شاگردن جي تنظيم ٺاھي ۽ اڳتي ھلي ڪوھستان اسڪول فورم ٺاھيو جنهن جي ذريعي ڪوھستان جي شاگردن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ـ انھي ئي پليٽ فارم تان شاگردن جو ھڪ رسالو پِريت پبليڪيشن جي نالي سان پڻ ڇپرايو ـ سائين کي ادبي سرگرمين سان بي انتھا محبت ھئي ۽ سائين جن ماھوار ۽ ٽه ماھي رسالن ۾ پنھنجون خدمتون ڏيندا رھيا ـ سائين جن مزاحيه شاعر پروفيسر عنايت علي خان کان متاثر ٿي ڪري شاعري شروع ڪئي ـ سائين جن کي شعر و شاعري ۽ مضمون نويسي ۾ پڻ عبور حاصل آهي ـ سائين جن ھڪ سٺا شاعر ۽ ليکڪ پڻ آهن ـ سائين جن پنهنجن مضمونن ۽ شاعري کي بلاگز ۽ فيسبوڪ پيجز ۾ محفوظ ڪري رھيا آهن ـ
سائين جن نه صرف تعليم پر سماجي ڪمن ۾ پڻ اڳيان اڳيان رھيا ـ سائين جن اسلامي جمعيت طلباء پاڪستان جا عھديدار رھيا ۽ ڪيترن ئي شاگردن جي مدد ڪئي ـ ان سان گڏوگڏ عباس ڊولپمينٽ فائونڊيشن جي پليٽ فارم تان پڻ ڪوھستان جي مارُو ماڻهن جي خدمت ڪئي ـ پاڙي جي لحاظ کان پڻ ماڻهن ۾ شعور اُجاڳر ڪرڻ لاء ننڍيون ننڍيون تنظيمون ٺاھي انهن ۾ تعليم جي حوالي سان اھميت اُجاڳر ڪندا رھيا ـ ظاھري طور سائين جن سنجيدھ انسان نظر اچن ٿا پر سندن دل ھڪ ٻار وانگر آهي جيڪا ھر وقت ٽھڪ ڏيندي رھي ٿي پر وقت جو مونجھارو انسان جي مٿان گھڻيون ئي آزمائشون آڻي ٿو پر سائين جن سدائين ھر آزمائش ۾ سفل رھيا ـ ڪيترائي استاد اڄ به سائين جن جي شخصيت جي تعريف ڪن ٿا سندن مثبت ڪردار کي ساراھن ٿا ـ سائين جن مرحوم عبدالصمد صاحب سان تمام گھڻيون حجتون ڪندا ھئا ـ در حقيقت سائين جن جي ان سان تمام گهڻي دل ھوندي ھئي ـ سائين جن جي محنتن جو نتيجو آهي جو اڄ سندن شاگرد دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهن ـ سائين جن جا ڪيترائي شاگرد ڊاڪٽر ، انجنيئر ، سٺا بزنس مين ، سماجي اڳواڻ ، اسڪالر ۽ ٻين پيشن سان وابسطه آهن ـ سندن شاگردن ۾ ملڪ مجاھد خان ، ملڪ مزمل خان ، ملڪ محب علي خان ، امام الدين خاصخيلي ، چندر مل ، ڊاڪٽر دليپ ڪمار ، ڊاڪٽر نريش ڪمار ، اميت ڪمار ، پير امير شاھ ، پير ضمير شاھ ، پير ظاھر شاھ ، پير محسن شاھ ۽ سيد عباس علي شاھ شامل آهن ـ سائين جن کي خدمتن جي مڃتا ۾ ڪيترائي ايوارڊ مليا آهن جن ۾ بيسٽ ٽيچر ايوارڊ لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ شامل آهن ـ
سائين جن جي شفيق استادن ۾ سائين مولوي محمد اسمٰعيل تنيو ، سائين محمد عارب ، سائين محمد آچر ، سائين محمد صالح ميمڻ ، سائين محمد يوسف ميمڻ ، سائين نظر محمد پلھ ، سائين امير الدين لاکير ، سائين عبدالحئي مھيسر ، سائين محمد نواز گاڏھي ، سائين محمد اسمٰعيل جوکيو ، سائين الله ورايو ميمڻ ، سائين غلام محي الدين بٽ ، سائين ديو دت ، سائين قمر ڪوھستاني ۽ سائين در محمد پالاري شامل آهن ـ سائين جن جي استادن جو عڪس اڄ به سائين ۾ سمايل آهي ـ سائين جا استاد اڄ به سائين جي ڪردار ۾ ظاھر آهن ـ سائين جن جا ننڍپڻ جا دوست جن ۾ مشھور صحافي غلام مصطفٰي ميمڻ صاحب ، عاشق علي خاصخيلي صاحب ، محمد سليمان سرائي صاحب اڪثر سائين جن سان حجتون ڪندا رھندا آهن ۽ اھي ننڍپڻ جا ڏينهن ياد ڪندا رھندا آهن جتي ھو ان ئي اسڪول ۾ گڏ پڙھندا ھئا ۽ راند روند سان مستيون پڻ ڪندا ھئا ـ سائين جن جي ٻين دوستن ۾ محمد شريف خاصخيلي صاحب ، حاجي دلدار حسين ميمڻ صاحب ، قبول پالاري صاحب ، سردار پالاري صاحب ، نجف پالاري صاحب ، الله ڏنو پالاري صاحب ، شھاب ميمڻ صاحب ، امير علي خاصخيلي صاحب ، مرحوم وزير ميمڻ صاحب ، مرحوم عبدالخالق ميمڻ صاحب ، مرحوم عباس ميمڻ صاحب ، محمد وريل ميمڻ صاحب شامل آهن ـ سائين جن 20 آڪٽوبر 2023ع تي ريٽائرمينٽ ورتي ـ
سائين جن جو والد محمد اڪرم خاصخيلي صاحب ھڪ بھترين پي ايس ٽي ھو ـ سندن وڏو فرزند ارشد شفيق خاصخيلي ناڻي کاتي ۾ ملازم آهي ـ
سائين جن تعليم جي باري ۾ سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ اسڪول ھڪ اھڙي درسگاھ آهي جيڪا منهنجي محبوب وانگر آهي ۽ آئون ان جو عاشق آهيان ۽ ائين نٿو ٿي سگهي ته آئون پنهنجي محبوب کان پري رھان ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " تعليم مستقبل جو پاسپورٽ آهي ، سڀاڻي انھن جو آهي جيڪي اڄ ان جي تياري ڪن ٿا -"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment