Profile # 77 Niaz Hussain Daidano (PST - GBPS Paryo Khan Daidano) نياز حسين دائيداڻو
محترم جناب سائين نياز حسين دائيداڻو صاحب جو جنم 12 نومبر 1996ع تي ضلعو ڄامشورو جي شھر خاڻوٺ ، تعلقو مانجھند ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، خاڻوٺ مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ مئٽرڪ جو امتحان گورنمنٽ بوائز هاء اسڪول ، ڪوريجا مان پاس ڪيو ـ انٽر جو امتحان گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، نوابشاھ مان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ مسلم سائنس ڪاليج ، حيدرآباد مان بي ايس سي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ علي بابا گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، ڪوٽڙي مان انگريزي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ـ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ، اسلام آباد مان بي ايڊ ۽ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ، خيرپور ميرس مان ايم ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي ـ
سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، شهمير دائيداڻو ۾ 2014ع کان 2018ع تائين والنٽيئر طور ٽيچر رھيا ـ ان اسڪول ۾ تمام گھڻا سرگرم رھيا ۽ ان اسڪول کي پرائمري مان مڊل اسڪول جو درجو ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيائون ـ سائين جن تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ 3 ڊسمبر 2022ع تي پي ايس ٽي ڀرتي ٿيا ـ سندن اپائنٽمينٽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، پريو خان دائيداڻو ۾ ٿي ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي زندگي جو حال ٻڌائيندي چيو ته " مان تمام غريب ھوس ايتري قدر جو ٻارهين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس ته مون وٽ امتحاني فارم جي فيس 1495 روپيه نه هئي ـ منهنجي فيس منهنجي ماما سائين ڀري مونکي پڙهايو ـ اڄ مان پي ايس ٽي هجڻ سان گڏ ننڍڙي دڪان جو مالڪ پڻ آهيان ـ مون کي پڙهائي لکائي هيستائين منهنجي ماما سائين پڄايو ـ الله پاڪ ان کي سدائين آباد رکي ـ آمين ـ "
سائين جن جو والد الله بخش دائيداڻو پي ايس ٽي ھو ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٽئين نمبر تي آهن ـ سندن هڪ ڀيڻ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪري 2015ع ۾ پي ايس ٽي ڀرتي ٿي ۽ ٻي ڀيڻ پرائيويٽ اسڪول ۾ ٽيچر آهي ۽ ان اسڪول جي پرنسپال جي گهر واري آهي ـ سندن مامو پروفيسر ڊاڪٽر جيئندو خان دائيداڻو پمس نوابشاھ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر آهي ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي تعليم جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو ته " تعليم جي بهتري لاء هي عرض رکندس ته پنهنجي سڀني ٻارن کي تعليم سان نوازيو ـ تعليم ئي هڪ ذريعو آهي جنهن سان اسان پنهنجو معاشرو تبديل ڪري سگهون ٿا ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو : "مون پنهنجي پڙهائي انٽر ڪلاس ۾ صرف غربت سبب ڇڏي پر مونکي منهنجي ماما پڙهايو اڄ مان تمام خوش آهيان نه ته مون سوچيو هو ته انٽر ڪري مان ڇا ڪندس غريب آهيان مونکي مزدوري ئي ڪرڻي آهي پر مونکي ماما سائين پاڻ وٽ رهائي پڙهايو جنهن سبب اڄ مان ۽ منهنجون 2 ڀيڻيون اڄ هن مقام تي آهيون ـ"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment