Profile # 76 Ramesh Kumar Sootahar (PST - GSMPS Tando Allahyar) رميش ڪمار سوٽھڙ

 

محترم جناب سائين رميش ڪمار سوٽھڙ عرف راجا سوٽھڙ صاحب جو جنم 6 نومبر 1989ع تي ضلعو حيدرآباد جي ڳوٺ ڀينڊو شريف ، تعلقو حيدرآباد شھر ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ مين سنڌي پرائمري اسڪول ، مڇي مارڪيٽ ، ٽنڊوالھيار مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ ايس ايم ھاء اسڪول ، ٽنڊوالھيار مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ ايس ايم ڊگري ڪاليج ، ٽنڊوالھيار مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان سياسيات ۾ گريجوئيشن ۽ ماسٽرس جي تعليم حاصل ڪئي ـ

سائين جن ڏھ سال مختلف پرائيويٽ اسڪولز ۾ پڙھايو آهي جن ۾ الفتح پبلڪ اسڪول ، دي سنڌ ايجوڪيٽ اسڪول ۽ ڪميونٽي بيسڊ اسڪول آغا خان شامل آهن ـ سائين جن تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ سندن 3 نومبر 2022ع تي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ مين سنڌي پرائمري اسڪول ، مڇي مارڪيٽ ، ٽنڊوالھيار ۾ پي ايس ٽي طور ٿي جتان سائين جن پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ھئي ـ سائين جن انگريزي ، رياضي ۽ سنڌي جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ۽ پھرئين ڪلاس جا ڪلاس ٽيچر آهن ـ

سائين جن تنظيمي لحاظ کان تمام گھڻا سوشل آهن ۽ الخدمت فائونڊيشن ۾ رضاڪارانه طور فلاحي ڪم ڪري رھيا آهن ـ سائين جن کوڙ ساريون ٽريننگز ڪيون آهن جن ۾ آغا خان فائونڊيشن طرفان ٽريننگ ، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن طرفان ٽريننگ ، ايس آء پي ڊي طرفان ٽريننگ ۽ آء پي ڊي جي ٽريننگ ڪئي جنهن ۾ سائين جن ٽريننگ دوران سي آر رھيا ـ سائين جن کي اسٽوڊنٽ ۽ پروفيشنل لائف ۾ ڪاميابين تي انعام پڻ مليا آهن ـ اسٽوڊنٽ لائف ۾ اٺين ڪلاس ۾ ٻين پوزيشن تي انعام مليو ۽ ڏھين ڪلاس ۾ سڄي اسڪول ۾ پھرين پوزيشن تي انعام مليو ـ پروفيشنل لائف ۾ الفتح اسڪول ۽ آغا خان اسڪول ۾ بھترين استاد جو انعام مليو ـ

سائين جن جون پسنديدھ شخصيتون قائد اعظم محمد علي جناح ۽ ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ آھن ـ سائين جن جا بھترين استاد سائين عنايت الله ميمڻ ، سائين گلزيب پاٽولي ، سائين خاوند بخش پتافي ۽ سائين صاحب خان جروار آهن ـ سندن بھترين دوست سيد غوث شاھ بخاري ، غلام مزمل شاھ جيلاني ، سيد نورالھديٰ شاھ بخاري ، عمران شاھ ، شام داس مينگھواڙ ۽ شاھد مينگھواڙ آهن ـ سندن ھوبيز ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ ، مختلف ڪتاب پڙهڻ ۽ ٻارن کي ٽيوشن پڙھائڻ آهن ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي زندگي جو واقعو ٻڌائيندي چيو ته " ھڪ ڏينهن ھڪ شاگرد مون کان ڪلاس ۾ سوال ڪيو ته سائين تعليم حاصل ڪرڻ جا ڪھڙا فائدا آهن ؟ مون جواب ڏنو ته تعليم حاصل ڪرڻ جا ڪيترائي فائدا آهن ـ انھن مان ھڪ فائدو اھو به آهي ته اسين پڙھي لکي پنھنجا خواب پورا ڪري سگھون ٿا ـ ڪي ماڻهو پڙھي ڊاڪٽر ٿيندا آهن ته ڪي استاد ـ جيئن آئون ھن اسڪول ۾ پڙھندو ھوس ـ منهنجو شوق ھو ته آئون ھڪ استاد ٿيان ـ مون محنت ڪري پنهنجو خواب پورو ڪيو ۽ آئون توهان جي سامهون ساڳي ئي اسڪول ۾ استاد آهيان ـ ان کانپوء ٻارن ۾ حوصله افزائي ٿي ۽ ٻارن محنت ڪري پنهنجا خواب پورا ڪرڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو آهي ـ"

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجو خانداني پس منظر ٻڌائيندي چيو ته " بنيادي طور تي اسان جو خانداني ڪرت واڍڪو ڪم آھي ـ منهنجو ڏاڏو ڏيال داس سوٽھڙ گھٽ پڙھيل لکيل ھو ـ ڳوٺ ڀينڊو شريف ۾ واڍڪو ڪم ڪندو ھو ـ منھنجو والد صاحب ڪيولرام "ڊي" سوٽھڙ ڳوٺ ڀينڊو شريف ۾ بطور پي ايس ٽي ڀرتي ٿيو ۽ گورنمنٽ ايس ايم ھاء اسڪول ، ٽنڊوالھيار ۾ بطور ايڇ ايس ٽي 2010ع ۾ ملازمت دوران وفات ڪري ويو ـ منهنجو وڏو چاچو ڀڳڙومل ڀينڊائي سوٽھڙ آبپاشي کاتي ۾ 2010ع ۾ بطور واڍو ريٽائرڊ ٿيو ـ منهنجو ننڍو چاچو موھن لال سوٽھڙ آبپاشي کاتي ۾ 2009ع ۾ بطور جونيئر ڪلرڪ ملازمت دوران گذاري ويو ـ منهنجو مامو مولچند سوٽھڙ تعليم کاتي ۾ گورنمنٽ بوائز ھائر سيڪنڊري اسڪول ، نئون آباد ، تعلقو ڄام نواز علي ، ضلعو سانگھڙ ۾ ھيڊ ماستر آهي ـ ٻيو مامو مينگھو مل ميرواھ گورچاڻي ، ضلعو ميرپور خاص ۾ تپيدار آهي ـ ٽيون مامو تيجورام سوٽھڙ سنڌي ادب سان تعلق رکي ٿو ۽ اخبارن ۽ ريڊيو تي مختلف پروگرام لکندو آهي ـ منهنجو سئوٽ ھيرانند سوٽھڙ بلقيس اسپتال ، راشد آباد ۾ ڪم ڪري رھيو آهي ـ منهنجو وڏو ڀاء ھريش ڪمار سوٽھڙ  تعليم کاتي ۾ جونيئر ڪلرڪ آهي ـ ننڍو ڀاء مھندر ڪمار سوٽھڙ اسٽامپ وينڊر آهي ۽ ٻيو ننڍو ڀاء ڪمليش ڪمار سوٽھڙ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو ۾ ايم ايل ڊي ڊپارٽمنٽ جو شاگرد آهي ـ مون کي اولاد ۾ ھڪ نياڻي ۽ ھڪ فرزند آهي ـ نياڻي جو نالو نينا سوٽھڙ آهي جيڪا فائونڊيشن گرامر اسڪول ۾ پھرئين درجي ۾ پڙھي ٿي ۽ ارادو ڪري ڇڏيو اٿس ته ھو ڊاڪثر ٿيندي ـ فرزند جو نالو لڪش راجا سوٽھڙ آهي جيڪو نرسري ۾ پڙھي ٿو ـ"

سائين جن تعليم جي باري ۾ سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ " تعليم جي حوالي سان منهنجو جيڪو تجربو رھيو آهي ته پرائمري جي ٻار کي پھريان تعليم جي طرف موٽيويٽ ڪريو ـ ٻار کي مختلف سرگرميون ڪرايو ـ جيڪو ٻار سرگرمي ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري ان کي انعام ڏيو اھو ٻار وڌ کان وڌ محنت ڪندو ـ ان کي ڏسي ٻين ٻارن کي محنت ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيندو ـ تعليم اھو ٻار پرائي سگھندو جنھن جا والدين اسڪول جي استادن کان ھر مھيني پنهنجي ٻار جي پروگريس معلوم ڪندا رھندا ـ"

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " علم انسان جي ٻي اک آهي جيڪا انسان کي شعور ۽ سجاڳي ڏي ٿي ـ منهنجو پيغام اھو ئي آهي ته ٻارن کي تعليم ڏيو ـ خاص ڪري نياڻين کي تعليم ڏيو ڇو ته نياڻين جو بھترين ڏاج تعليم آهي جيڪو ان کي سڄي زندگي ڪم ايندو -"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل