Profile # 74 Lutfullah Soomro (PST - GBPS Doolha Shah, Kotri) لطف الله سومرو


محترم جناب سائين لُطف اللّه سُومرو صاحب جو جنم 4 آڪٽوبر 1969ع تي ضلعو دادو جي ڳوٺ سِيتا ننڍي ، تعلقو دادو ۾ ٿيو ـ سائين جن پرائمري جي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، سيتا ننڍي مان حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ بوائز ھائر سيڪنڊري اسڪول ، سيتا وليج مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ اٌستاد بُخاري گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، دادو مان پري ميڊيڪل ۾ انٽر ۽ بي اي جا امتحان پاس ڪيا ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو جي ايلسا قاضي ڪيمپس (اولڊ ڪيمپس) ، حيدرآباد مان بي ايڊ جي پروفيشنل ڊگري ريگيولر ڪلاس ذريعي حاصل ڪئي ـ

سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 5 نومبر 1990ع تي پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، سيتا وليج ۾ ٿي ـ سندن 1992ع ۾ بدلي پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، سيتا ننڍي ۾ ٿي جنهن ۾ سندن محنت ۽ دلچسپي جي ڪري ان وقت جي سُپروائزر سائين محمد خان پنھور صاحب سندن خدمت عيوض بيسٽ ٽيچر جو ايوارڊ ڏنو ـ سائين جن ست سال گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، خورشيد ڪالوني ، ڪوٽڙي ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون ـ سندن 1 اپريل 2011ع تي ڊي اي او پرائمري ضلعو ڄامشورو محترم جناب سائين محمد صفر ڪاڇار صاحب سندن بطور انچارج ھيڊ ماستر جو آرڊر گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، دُولھا شاھ ، ڪوٽڙي ۾ ڪيو ، جيڪو ھڪ بند پيل اسڪول ھو ـ ان اسڪول ۾ فرنيچر نه ھئڻ ڪري اسڪول کي ھلائڻ سندن لاء ھڪ وڏو چيلينج ھو ـ سائين جن پنهنجي ھڙان فراسيون وٺي تدريسي عمل شروع ڪيو ۽ ان جو نتيجو اھو نڪتو جو 2016ع ۾ اسڪول جي انرولمينٽ 350 کان مٿي پھتي ـ ان اسڪول جي زبون حالي ڏسي ان وقت جي ٽي اي او محترم جناب سائين فِدا حسين سولنگي صاحب ۽ سپروائيزر محترم جناب سائين محمّد ايوب ملاح صاحب سندن بدلي گورنمنٽ بوائز مڊل اسڪول ، مِسڪين ڪالوني ، ڪوٽڙي ۾ ڪئي ، جتي محترم جناب سائين آصف ميمڻ صاحب انچارج ھيڊ ماستر ھئا ـ سائين جن انگريزي ، سنڌي ، اڙدو ، ابتدائي سائنس ، رياضي ، سماجي اڀياس ۽ اسلاميات جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ـ سائين جن ٽي سال ايم سي ڪوٽڙي ۾ امتحان ڪميٽي جا چيئرمين رھيا ـ

سائين جن استادن جي تنظيم پ ٽ الف جا سرگرم ڪارڪن رھيا آهن ـ سائين جن 2011ع ۾ ورڪنگ ڪميٽي جا ميمبر رھيا ـ 2015ع ۾ ضلعو ڄامشورو جا پريس سيڪريٽري رھيا ـ 2019ع ۾ تعلقو ڪوٽڙي جي اليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين جا فرض ادا ڪيا جيڪو ڪورٽ سڳوري اليڪشن ملتوي ڪيو ـ

سائين جن جو والد ڌڻي بخش سومرو دڪاندار ھو ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ سڀ کان وڏا آهن ـ سندن ٽن ڀائرن مان ٻه ڀائر دڪاندار آهن ـ سائين جن پنهنجن ڀائرن سان دڪان تي ھٿ پڻ ونڊائيندا آهن ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " آئون شاگردن کي گذارش ٿو ڪريان ته پنهنجي تعليم تي زور ڏيو ڇو ته تعليم توهان جو مستقبل آهي ـ آئون والدين کي گذارش ڪريان ٿو ته پنهنجن ٻارن کي تعليم جي زيور سان نوازيو ۽ سياست کان پري رکو -"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل