Profile # 73 Nazeer Ahmed Nahyoon (PST - GBPS Ajmer Colony, Tando Allahyar) نظير احمد ناھيون
محترم جناب سائين نظير احمد ناهيون صاحب جو جنم 5 نومبر 1995ع تي ٽنڊوالهيار ۾ ٿيو ـ سائين جن شروعاتي تعليم اقصٰي ھائر سيڪنڊري اسڪول ، ٽنڊوالھيار مان حاصل ڪئي ـ بي ايس سي زراعت جي ڊگري سنڌ زرعي يونيورسٽي ، ٽنڊو ڄام مان حاصل ڪئي ـ ايل ايل بي جي ڊگري سنڌ لاء ڪاليج ، حيدرآباد مان حاصل ڪئي ـ
سائين جن 2018ع کان 2021ع تائين ٽي سال ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ، حيدرآباد ۾ وڪالت جي پريڪٽس ڪئي ـ سائين جن سنڌ جي تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي ـ سندن 2 نومبر 2022ع تي پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ۽ سندن اپائنٽمينٽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول اجمير ڪالوني ، ٽنڊوالهيار ۾ ٿي ـ سائين جن ڪمپيوٽر سائنس ۽ ابتدائي سائنس جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ـ
سائين جن جا پسنديدھ موضوع فلسفو ، تاريخ ، نفسيات ۽ اڙدو ادب آهن ـ سندن پسنديدھ ليکڪ ڪارل مارڪس ، ول ڊیورانٽ ، فريڊرڪ نطشي ، جوسٽن گارڊر ، ڊاڪٽر گستاؤلي ، ڪارل سيگال ۽ فيودور دوستويسڪي آهن ـ
قبائلي لحاظ کان ناھيون ذات به سنڌ جي ٻين گهڻين ذاتين وانگر سنڌ جي اصلي رهاڪو ذات آهي ۽ سماٽ قبيلي ۾ ليکجي ٿي ـ سائين جن جا ابا ڏاڏا هارپو ڪندا هئا ريڇل ٻھراڙي جي علائقي ۾ جيڪو کيسانه موري ويجھو حيدر آباد ميرپور خاص جي رستي ۾ آهي ـ ڏاڏا جي گذرڻ کان پوء ٽنڊو الهيار شهر ۾ آباد ٿيا ـ سندن والد محمد اسمٰعيل ناهيون او جي ڊي سي ايل ۾ ويل آپريٽر آهي ـ سائين جن جا ٽي ڀائر آهن ـ سندن وڏو ڀاءُ فاروق احمد ناهيون بي ايس جيولوجي ۽ سنڌي ۾ ماسٽرز ڪئي آهي ۽ پي ايس ٽي آهي ۽ ٻه ننڍا ڀاءَ آصف علي ناھيون ۽ ارسلان ناهيون آهن ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاء ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " اسان جي نوجوان کي گهرجي ته مختلف اسڪلز ۾ مهارت حاصل ڪن ـ مطالعو شوق سان ڪن ـ تاريخ ، فلسفو ، ادب جو خاص مطالعو ڪرڻ گهرجي ـ ڪردار ۾ محبت ، عاجزي ۽ انڪساري رکن ـ"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment