Profile # 40 Mukhtiar Ali Burfat (HST - GBHSSSUS Jamshoro) مختيار علي برفت

 

محترم جناب سائين مختيار علي عرف علي مدد برفت صاحب جو جنم 9 مئي 1983ع تي سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ، تعلقو ڪوٽڙي ، ضلعو ڄامشورو ۾ ٿيو ـ سائين جن جو والد لونگ خان برفت صاحب مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ، ڄامشورو ۾ چوڪيدار آهي ـ سائين جن گورنمنٽ سنڌ يونيورسٽي گرلز اينڊ بوائز پرائمري اسڪول ، ڄامشورو مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ اين اي بلوچ ماڊل اسڪول ، اولڊ ڪيمپس ، حيدرآباد مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ سچل سرمست ڪاليج ، حيدرآباد مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن 2010ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ بيچلرز فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪئي ـ سائين جن شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ، خيرپور مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي ـ

سائين جن تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ سائين جن کي 21 جولاء 2014ع تي جي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز ھائر سيڪنڊري اسڪول ، سنڌ يونيورسٽي سوسائيٽي ، ڄامشورو ۾ ٿي ـ سائين جن جو 2022ع ۾ ايڇ ايس ٽي ۾ پروموشن ٿيو ـ سائين جن سائنس ، پاڪستان جو اڀياس ، بايولوجي ، ڪمپيوٽر سائنس ۽ سنڌي جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ـ

سائين جن تعليم کاتي طرفان مختلف ٽريننگز ۽ اسائنمينٽس تي ڪم ڪيو آهي ـ سائين جن 2015ع ۾ آر ايس يو جي طرفان انڊڪشن ٽريننگ ڪئي ، 2015ع جي بلدياتي چونڊن ۾ پولنگ آفيسر طور ڪم ڪيو ، 2016 ۽ 2017ع ۾ آر ايس يو جي طرفان اسڪول پروفائلنگ ڪئي ، 2018ع جي عام چونڊن ۾ پولنگ آفيسر طور ڪم ڪيو ، 2018ع ۾ ڪيپيسٽي بلڊنگ ٽريننگ ڪئي ، 2019ع ۾ ايل ايس بي اي جي ٽريننگ ڪئي ، 2021ع ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان ووٽر ويريفڪيشن ۾ سپروائيزر طور ڪم ڪيو ، 2021ع ۽ 2022ع ۾ آر ايس يو جي طرفان اسڪول سينسس ڪئي ، 2022ع ۾ پيغام پاڪستان جي ٽريننگ ڪئي ، 2023ع جي بلدياتي چونڊن ۾ اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر طور ڪم ڪيو ـ سائين جن عالمي تعليمي ڪانفرنس ست دفعا آن لائن ۽ آن سيٽ اٽينڊ ڪيون آهن ـ سائين جن چار دفعا آن لائن تعليمي نظام بابت ٽريننگز ڪيون آهن ـ

سائين جن جي بھترين استادن ۾ سائين قربان ڀٽو ، سائين عبدالرحمن ناگراج ، سائين شاھ مراد چانڊيو ، سائين سليم چانڊيو ، سائين دل نواز ھڪڙو ، آپا ماروي ابڙو ، مس اقبال ، سائين منظور پنھور ، سائين حجت الله چنہ ، سائين ارشاد بروھي ، سائين نبي بخش ميمڻ ۽ سائين محمد اسلم ڪاڇيلو شامل آهن ـ سائين جن جا بھترين دوست گل حسين ، ربنواز ، ڊاڪٽر اعجاز ، آصف ماٽيو ، احسان سرڪي ، ذوالفقار ميمڻ ۽ عابد عباسي آهن ـ

سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ سڀ کان ننڍا آهن ـ سائين جن جا ٻہ وڏا ڀائر سنڌ ايڪسپريس اخبار ۾ رپورٽر آهن ـ

سائين جن بھترين سوچ جو مالڪ آھي ، سماجي ڪم سندس سڃاڻپ آھي ، ۽ ھر ڪنھن جي ڪم اچڻ وارو آهي ـ سائين جن مخلص ، سچو ۽ ايماندار دوست آھي ، چڱن جي سندس وٽ سڃاڻپ آھي ـ سائين جن کي کوڙ دفعا بيسٽ ٽيچر جو ايوارڊ مليو آهي ـ سائين جن کي ٻہ دفعا شاھ عبداللطيف ايوارڊ مليو آهي ـ 

سائين جن کي ڪتاب پڙهڻ جو ڏاڍو شوق آهي ـ سائين جن فٽ بال ۽ ڪرڪيٽ جا بھترين رانديگر آهن ـ سائين جن کي شاگردن سان گڏجي سرگرميون ڪرڻ ۾ تمام گهڻو مزو ايندو آهي ـ سائين جن اسڪول جي ھر قسم جي سرگرمي کي ترتيب ڏيڻ جي ڪري مشهور آهن ـ

سائين جن تعليم جي باري ۾ سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ دنيا جي ٻين ملڪن جي تعليم وانگر سنڌ جي تعليم کي بہ ڊجيٽل ٿيڻ گھرجي ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " دنيا اڄ مصنوعي ذھانت تي ڪم ڪري رهي آهي ـ سنڌ جي نوجوانن کي بہ ڪمپيوٽر سسٽم ۽ روبوٽڪس تي ڪم ڪرڻو پوندو ـ ان جي لاء نوجوان جوش ۽ جذبي سان سٺي نموني تعليم حاصل ڪن ۽ دنيا کي ثابت ڪري ڏيکارين تہ سنڌي نوجوان ڪنهن بہ ميدان ۾ گھٽ ناھن -"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل