Profile # 39 Hujjatullah Channa (Associate Professor in Mathematics - GBHSSSUS Jamshoro) حجتہ الله چنہ

 

محترم جناب سائين حجت الله چنہ صاحب جو جنم 4 نومبر 1963ع تي سول اسپتال ، حيدرآباد ۾ ٿيو ـ سائين جن جو والد عبدالله خان چنہ صاحب روينيو کاتي ۾ مختيارڪار جي عھدي تي رٽائر ٿيو ـ سائين جن جا ڏاڏاڻا عالم گھراڻي سان تعلق رکندا ھئا ، جن ۾ سندن ڏاڏو نصرالله چنہ صاحب قرآن شريف جو حافظ ھو ۽ پڙڏاڏو رحمت الله چنہ صاحب دين جو وڏو عالم ھو ۽ مسجد جو پيش امام ھو ـ سائين جن جا ناناڻا ضلعو دادو جي علائقي پيروز شاھ ، تعلقو ميھڙ جا ھئا ، جن بعد ۾ حيدرآباد ۾ رھائش اختيار ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ پرائمري اسڪول ، ڏوڪري ضلعو لاڙڪاڻو مان 1975ع ۾ پرائمري جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ ھاء اسڪول ، ڏوڪري مان 1980ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ سائنس ڪاليج ، ڏوڪري مان 1982ع ۾ انٽر جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ ڪامرس ڪاليج ، لاڙڪاڻو مان بي ڪام جي ڊگري حاصل ڪئي ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان بي ايس سي آنرس ۽ 1988ع ۾ رياضي ۾ ماسٽرس ڪئي ـ سائين جن علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي ، اسلام آباد مان بي ايڊ ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ، ٽنڊو ڄام مان ايم ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي ـ

سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 15 آگسٽ 1995ع ۾ ايڇ ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ، سنڌ يونيورسٽي سوسائيٽي ، ڄامشورو ۾ ٿي ـ سائين جن جو 2009ع ۾ رياضي ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ۾ پروموشن ٿيو ۽ پوسٽنگ گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ، ٿاڻو بولا خان ۾ ٿي ـ سائين جن ڪجھ عرصو ڊپٽي ڊسٽرڪٽ آفيس لٽريسي ، ڄامشورو ۾ فرض نڀائيندا رھيا ـ سائين جن جو 2018ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ۾ پروموشن ٿيو ۽ پوسٽنگ گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ، سنڌ يونيورسٽي سوسائيٽي ، ڄامشورو ۾ ٿي ـ سائين جن ڏھين ڪلاس تائين فزڪس ۽ ڪيمسٽري ۽ ٻارھين ڪلاس تائين رياضي جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ـ

سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ ۾ تعلقو ڪوٽڙي جا صدر رھيا آهن ـ سائين جن ھن وقت استادن جي تنظيم سپسا جي حيدرآباد ڊويزن جا صدر آهن ـ سائين جن تعليم کاتي ۾ کوڙ ساريون ٽريننگز ڪيون آهن ، جن ۾ پائيٽ نوابشاھ جي ٽريننگ شامل آھي ـ

سائين جن ھڪ بھترين فرض شناس آفيسر سان گڏوگڏ ھڪ بھترين انسان پڻ آھن ـ سائين جن صرف ھڪ استاد نہ بلڪہ ھڪ مينٽور جي حيثيت سان سڃاتا ويندا آهن ـ

سائين جن جا بھترين دوست غلام حسين ٿھيم (استاد) ، شاھ بخش لغاري (ايڇ ايس ٽي) ، علي احمد لغاري (استاد) ، اڪبر نوح ميمڻ صاحب ، مختيار برفت (ايڇ ايس ٽي) ، خدا بخش ميمڻ (استاد ، ڏوڪري) ، محمد يوسف (بينڪ آفيسر ، ڏوڪري) ، برڪت جوڻيجو (ٺيڪيدار) ۽ سليم لاشاري آهن ـ

سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ڇھين نمبر آهن ـ سائين جن جو وڏو ڀاء ڊينٽل سرجن آھي ، سائين جن جو ٻيو ڀاء ڊپٽي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر آھي ، سائين جن جو ٽيون ڀاء پي ايس ٽي آھي ، سائين جن جو چوٿون ڀاء زراعت کاتي ۾ فيلڊ اسسٽنٽ آھي ، سائين جن جو پنجون ڀاء ڊينٽل ٽيڪنيشن آھي ، سائين جن جو ڇھون ڀاء پي ايس ٽي آھي ـ سائين جن جي وڏي نياڻي ايم ايس سي نباتات ڪئي آهي ۽ پي ايس ٽي آهي ـ سائين جن جي ٻي نياڻي ڪامرس ۾ ماسٽرس ڪئي آهي ۽ ٽيچر آهي ـ سائين جن جي وڏي پٽ مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ، ڄامشورو مان ماحولياتي انجنيئرنگ ۾ ايم اي ڪئي آهي ـ سائين جن جي ننڍي پٽ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان ايم اي انگلش ڪئي آهي ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي ٻڌايو تہ ڊائريڪٽر اسڪولس ، حيدرآباد نظام الدين ميمڻ صاحب جي دور ۾ جڏهن سائنس جا ھڙئي سبجيڪٽ منهنجي حوالي ڪيا ويا تڏھن ڪتابن جو وزن کڻڻو پيو ، جيڪو ٽريننگز تي ھميشہ ويجھن کي موڪليندا ھئا ۽ مان ھر وقت آفيسرن سان ٽڪراء ۾ رھيس ـ نتيجو اھو نڪتو جو 1999ع ۾ وزير اعليٰ سنڌ ارباب غلام رحيم مون کي گسٽا تعلقو ڪوٽڙي جو صدر ھوندي فورس ليو تي موڪلي ڇڏيو ۽ بعد ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان بحال ڪيو ـ 

سائين جن تعليم جي بھتري جي لاء سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ اسڪولن جا ھيڊ ماستر ۽ پرنسپال سستا نہ ھجن ـ ھيڊ ماستر سڄي اسڪول جي اسٽاف کان ڪم وٺن ـ جڏھن ھڪ استاد ھيڊ ماستر ٿئي ٿو تہ پنهنجين ذميوارين جو خيال ڪري تہ تعليم بھتر ٿي ويندي ـ منهنجي نظر ۾ بھترين استاد جن سان مون وقت گذاريو آهي تن ۾ اعجاز سولنگي صاحب ، نياز حسين وگھيو صاحب ، غلام دستگير قريشي صاحب ، اڪبر ميمڻ صاحب ، شاھ بخش لغاري صاحب ۽ نادر علي جانڊيو صاحب آهن ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن سونھري لفظن ۾ پيغام ڏنو " شاگردن کي ۽ معاشري ۾ رھندڙ سنڌي قوم کي گذارش آھي تہ جيڪي اسان تعليم دوران غلطيون ڪري آيا آھيون ، انھن کي نظر ۾ رکي اوھان کي درس ٿو ڏجي تہ قومون تباھ تڏھن ٿينديون آھن ، جڏهن انھن کان تعليم کسي ويندي آهي ـ رٽي واري پڙهڻ کان پاسو ڪريو ـ اھڙي تعليم حاصل ڪريو جو ادارن ۽ ملڪ کي اوھان جي مجبوري ھجي ، پر ادارن وٽ اوھان مجبور نہ ھجو ـ نوڪري لاء بھتر تعليم وقت جي ضرورت آهي ، جنھن کي صحيح نموني سان حاصل ڪرڻ اوھان تي فرض آهي ، جي فرض ۾ ڪوتاھي ڪئي تہ بربادي کانسواء ڪجھ بہ حاصل نہ ڪري سگھبو -"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل