Profile # 38 Gulzar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) گلزار احمد چنہ

 

محترم جناب سائين گلزار احمد چنہ صاحب جو جنم 12 نومبر 1981ع تي ضلعو دادو جي ڳوٺ ڪوٺي کوکر ، تعلقو ميھڙ ۾ ٿيو ـ سائين جن جو والد محمد رمضان چنہ صاحب ٻني ٻاري ڪندو ھو ۽ دڪاندار پڻ ھو ـ سائين جن جو خاندان مذهبي ۽ مسڪين گھراڻي سان تعلق رکندڙ آهي ـ سائين جن جو والد صاحب مسجد جو پيش امام ۽ ڏاڏو آندل خان چنہ پنج وقت نماز پڙھندڙ فقيري طبيعت جا مالڪ ھئا ـ سائين جن شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ـ سائين جن ننڍپڻ ۾ پڙھڻ جو شوق رکندا ھئا ۽ ستين ڪلاس ۾ تعلقي ليول تي سائنسي ميلي ۾ ٿيندڙ مقابلي ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، بالي شاھ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، ميھڙ مان انٽر ڪئي ۽ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان ايم اي اقتصاديات جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن ايلسا قاضي ڪيمپس ، حيدرآباد مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن ننڍي ھوندي کان ڪرڪيٽ ۽ والي بال کيڏڻ جا شوقين رھيا آھن ۽ ڪيترائي سال پنھنجي ڳوٺ جي ٽيم جي نمائندگي پڻ ڪئي آهي ـ سائين جن فلاحي ڪمن ۾ سٺو وقت گذاريو آهي ـ

سائين جن پي ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ 2 مارچ 2006ع ۾ پاڪستان ريلوي ۾ اسسٽنٽ ڊرائيور ڀرتي ٿيا ـ سائين جن تعليم کاتي ۾ اقراء يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ 20 مئي 2013ع تي جي ايس ٽي طور گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڪوٽڙي ۾ ڀرتي ٿيا ـ سائين جن جو 2022ع ۾ ايڇ ايس ٽي ۾ پروموشن ٿيو ـ سائين جن اڪثر ڇھين ، ستين ۽ اٺين ڪلاس جا ڪلاس ٽيچر رھيا آھن ۽ اڪثر انگريزي ، رياضي ، سائنس ۽ سنڌي جا سبجيڪٽس پڙھائيندا رھيا آھن ـ

سائين جن کي 2017ع ۾ اقراء يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ٽيچرس ايڪشن ڪاميٽي سنڌ جو چيئرمين چونڊيو ويو ، جنهن عھدي تي مسلسل چار سال جدوجهد ڪري تقريباً 700 کان مٿي ڪانٽريڪٽي استادن کي ريگيولر ڪرايو ـ اھو سائين جن جي زندگي جو وڏو ڪارنامو آهي ـ

سائين جن تعليم کاتي ۾ ڪيتريون ئي ٽريننگس ڪيون آھن ، جنھن ۾ انڊڪشن ٽريننگ ۽ ايل ايس بي اي شامل آهن ـ سائين جن تعليم کاتي پاران مليل ذميوارين کي سھڻي نموني نڀايو آهي ، جنھن ۾ عام ۽ بلدياتي چونڊن ۾ پولنگ آفيسر ۽ اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر جون ذميواريون شامل آهن ـ

سائين جن پنهنجي تجربي مطابق ھميشہ ڪلاسز ۾ ايڪٽوٽي بيسڊ لرننگ کي اھميت ڏني آهي ۽ ٻارن کي سخت محنت جو مشورو ڏيندي چيو ته ھن دور ۾ غريب جو تعليم ۽ محنت کانسواءِ ڪجهه ناهي رهيو ـ سائين جن کي سچ ڳالهائڻ ۽ فلاحي ڪم ڪندڙ ماڻهو پسند ھوندا آھن ـ

سائين جن جي بھترين استادن ۾ سائين جان محمد چنہ ، سائين رسول بخش چنہ ۽ سنڌ يونيورسٽي جو پروفيسر طارق ڀٽي صاحب آھن ـ سائين جن جي بھترين دوستن ۾ امان ﷲ جلباڻي ، عبدالمجيد ڇٽو ، امير بخش پنھور ، آصف مغل ۽ بابو لغاري شامل آهن ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي زندگي جو واقعو ٻڌائيندي چيو ته 13 ڊسمبر 2021ع تي دوست جي دعوت کان واپسي تي سڪرنڊ ويجهو خطرناڪ ايڪسيڊنٽ ٿيو ، جنهن ۾ ھڪ دوست گذاري ويو ۽ ﷲ پاڪ مون کي نئين زندگي عطا فرمائي ـ

سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ڇھين نمبر تي آهن ـ سائين جي خاندان ۾ وڏو ڀاءُ سائين محمد خان چنہ صاحب تعليم کاتي ۾ تازو ئي ايڇ ايس ٽي رٽائرڊ ٿيو آهي ، جيڪو سائين جن جو ڇوٿين ڪلاس جو ڪلاس ٽيچر پڻ رھيو آھي ـ سائين جن جو ٻيو ڀاءُ آندل خان چنہ صاحب آھي جيڪو 19 گريڊ ۾ چيف جسٽس آف سنڌ جو پرسنل سيڪريٽري سنڌ ھاء ڪورٽ ، ڪراچي ۾ ڊيوٽي سر انجام ڏئي رهيو آهي ـ سائين جن جو ننڍو ڀاءُ زاھد حسين چنہ صاحب آهي جيڪو سيشن ڪورٽ ، حيدرآباد ۾ سول جج آھي ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " سڀني شاگردن ۽ عام ماڻھن لاءِ اھو پيغام آهي ته پنهنجي اولاد کي تعليم جي زيور سان نوازيو تعليم ئي انسان کي شعور ڏيندي آھي ـ"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل