Posts

Showing posts from August, 2023

Profile # 40 Mukhtiar Ali Burfat (HST - GBHSSSUS Jamshoro) مختيار علي برفت

Image
  محترم جناب سائين مختيار علي عرف علي مدد برفت صاحب جو جنم 9 مئي 1983ع تي سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ، تعلقو ڪوٽڙي ، ضلعو ڄامشورو ۾ ٿيو ـ سائين جن جو والد لونگ خان برفت صاحب مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ، ڄامشورو ۾ چوڪيدار آهي ـ سائين جن گورنمنٽ سنڌ يونيورسٽي گرلز اينڊ بوائز پرائمري اسڪول ، ڄامشورو مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ اين اي بلوچ ماڊل اسڪول ، اولڊ ڪيمپس ، حيدرآباد مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ سچل سرمست ڪاليج ، حيدرآباد مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن 2010ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ بيچلرز فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪئي ـ سائين جن شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ، خيرپور مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ سائين جن کي 21 جولاء 2014ع تي جي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز ھائر سيڪنڊري اسڪول ، سنڌ يونيورسٽي سوسائيٽي ، ڄامشورو ۾ ٿي ـ سائين جن جو 2022ع ۾ ايڇ ايس ٽي ۾ پروموشن ٿيو ـ سائين جن سائنس ، پاڪستان جو اڀياس ، بايولوجي ، ڪمپيوٽر سائن...

Profile # 39 Hujjatullah Channa (Associate Professor in Mathematics - GBHSSSUS Jamshoro) حجتہ الله چنہ

Image
  محترم جناب سائين حجت الله چنہ صاحب جو جنم 4 نومبر 1963ع تي سول اسپتال ، حيدرآباد ۾ ٿيو ـ سائين جن جو والد عبدالله خان چنہ صاحب روينيو کاتي ۾ مختيارڪار جي عھدي تي رٽائر ٿيو ـ سائين جن جا ڏاڏاڻا عالم گھراڻي سان تعلق رکندا ھئا ، جن ۾ سندن ڏاڏو نصرالله چنہ صاحب قرآن شريف جو حافظ ھو ۽ پڙڏاڏو رحمت الله چنہ صاحب دين جو وڏو عالم ھو ۽ مسجد جو پيش امام ھو ـ سائين جن جا ناناڻا ضلعو دادو جي علائقي پيروز شاھ ، تعلقو ميھڙ جا ھئا ، جن بعد ۾ حيدرآباد ۾ رھائش اختيار ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ پرائمري اسڪول ، ڏوڪري ضلعو لاڙڪاڻو مان 1975ع ۾ پرائمري جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ ھاء اسڪول ، ڏوڪري مان 1980ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ سائنس ڪاليج ، ڏوڪري مان 1982ع ۾ انٽر جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ ڪامرس ڪاليج ، لاڙڪاڻو مان بي ڪام جي ڊگري حاصل ڪئي ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان بي ايس سي آنرس ۽ 1988ع ۾ رياضي ۾ ماسٽرس ڪئي ـ سائين جن علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي ، اسلام آباد مان بي ايڊ ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ، ٽنڊو ڄام مان ايم ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن کي تعلي...

Profile # 38 Gulzar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) گلزار احمد چنہ

Image
  محترم جناب سائين گلزار احمد چنہ صاحب جو جنم 12 نومبر 1981ع تي ضلعو دادو جي ڳوٺ ڪوٺي کوکر ، تعلقو ميھڙ ۾ ٿيو ـ سائين جن جو والد محمد رمضان چنہ صاحب ٻني ٻاري ڪندو ھو ۽ دڪاندار پڻ ھو ـ سائين جن جو خاندان مذهبي ۽ مسڪين گھراڻي سان تعلق رکندڙ آهي ـ سائين جن جو والد صاحب مسجد جو پيش امام ۽ ڏاڏو آندل خان چنہ پنج وقت نماز پڙھندڙ فقيري طبيعت جا مالڪ ھئا ـ سائين جن شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ـ سائين جن ننڍپڻ ۾ پڙھڻ جو شوق رکندا ھئا ۽ ستين ڪلاس ۾ تعلقي ليول تي سائنسي ميلي ۾ ٿيندڙ مقابلي ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، بالي شاھ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، ميھڙ مان انٽر ڪئي ۽ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان ايم اي اقتصاديات جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن ايلسا قاضي ڪيمپس ، حيدرآباد مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن ننڍي ھوندي کان ڪرڪيٽ ۽ والي بال کيڏڻ جا شوقين رھيا آھن ۽ ڪيترائي سال پنھنجي ڳوٺ جي ٽيم جي نمائندگي پڻ ڪئي آهي ـ سائين جن فلاحي ڪمن ۾ سٺو وقت گذاريو آهي ـ سائين جن پي ٽي ايس جي ٽيسٽ پا...

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Image
  محترم جناب سائين اڪبر احمد چنہ صاحب 28 فيبروري 1974ع تي ضلعو دادو جي ڳوٺ ٻورڙي ، تعلقو خيرپور ناٿن شاھ ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو ڏاڏو حاجي دوست محمد چنہ صاحب تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي ھو ۽ دين سان وابسطگي ھجڻ ڪري پنهنجي اولاد جي سٺي تربيت ۽ تعليم جو بندوبست ڪيو - پاڻ تمام گهڻا سخي مرد ھئا ، ڳوٺ ۾ هڪ مسجد تعمير ڪرائي ـ سائين جن جو والد حاجي محمد احسن چنہ صاحب تعليم کاتي مان ھيڊ ماستر رٽائر ٿيو ، سندن والد گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڪوٽڙيءَ ۾ ڏھ سال هيڊ ماستر رهيا ۽ تعليم لاءِ تمام گھڻيون ڪوششون ورتيون ـ سائين جن پرائمري ۾ چوٿين ڪلاس تائين پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، شھيد محمد عثمان ٻگھيو ، ٻورڙي مان تعليم حاصل ڪئي ۽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، سنڌي مين 2 ، ڪوٽڙي مان پنجون پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڪوٽڙي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن علي بابا گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، ڪوٽڙي مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان رياضي ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ ايم اي سياسيات بہ ڪئي آهي ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس...